بيلجئيم آمريڪا جو فيفا ورلڊ ڪپ ٽائٽل کٽڻ جو خواب ٽوڙي ڇڏيو، ٽاپ 16 ۾ 4-1 تان شڪست

واشنگٽن- 07 جولاءِ (اي پي پي) بيلجئيم جي فٽ بال ٽيم فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي پري ڪوارٽر فائنل ميچ جي سخت مقابلي ۾ ميزبان آمريڪا کي 4-1 تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب بيلجئيم جي چارلس ڊي ڪيٽيليئر 2 جڏهن ته هنس واناڪن ۽ روميلولوڪاڪو هڪ هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. آمريڪي ٽيم پاران واحد گول ملڪ ٽل مين اسڪور ڪيو. لومين فيلڊ اسٽيديم ۾ کيڏيل ميچ ۾ سڄو …

واشنگٽن- 07 جولاءِ (اي پي پي) بيلجئيم جي فٽ بال ٽيم فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي پري ڪوارٽر فائنل ميچ جي سخت مقابلي ۾ ميزبان آمريڪا کي 4-1 تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب بيلجئيم جي چارلس ڊي ڪيٽيليئر 2 جڏهن ته هنس واناڪن ۽ روميلولوڪاڪو هڪ هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. آمريڪي ٽيم پاران واحد گول ملڪ ٽل مين اسڪور ڪيو. لومين فيلڊ اسٽيديم ۾ کيڏيل ميچ ۾ سڄو ڌيان آمريڪي اسٽرائيڪر فلورين بالوگن تي هيو جنهن کي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مداخلت تي فيفا کيڏڻ جي اجازت ڏني هئي پر هو اهم ميچ ۾ ناڪام رهيو. بيلجئيم پاران چارلس ڊي ڪيٽيليئر ٻه شاندار گول اسڪور ڪيا، جڏهن ته هنس وانا ڪين آمريڪي گول ڪيپر جي غلطي جو فائدو کڻندي ٽيون گول ڪيو ۽ متبادل رانديگر روميلو لوڪاڪو اضافي وقت ۾ چوٿون گول ڪري آمريڪا جي 24 سالن کان پوءِ ڪوارٽر فائنل ۾ پهچڻ جي اميد ختم ڪري ڇڏي. آمريڪا پاران واحد گول ملڪ ٽيل مين فري ڪڪ تي ڪيو. بيلجئيم جي ڪپتان يوري ٽيليمنس جو چوڻ هيو ته بالوگن کي فيفا پاران مليل رليف سندس ٽيم ۾ نا انصافي خلاف هڪ نئون جوش پيدا ڪيو. هنن ان ناانصافي جو جواب ميدان ۾ ڪارڪردگي سان ڏنو. واضح رهي ته بيلجئيم جو مقابلو هاڻي ايندڙ جمعي تي لاس اينجلس ۾ اسپين سان ٿيندو.