اسلام آباد- 06 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته معاشي سڌارا ۽ جديدڪاري جي عمل ۾ ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺائڻ ۽ سيڙپڪاري جي ذريعن کي گهڻ رخو بڻائڻ بنيادي اهميت رکن ٿا. انويسٽ پاڪ پورٽل جي شروعات سان ريٽيل سيڙپڪارن کي وڌيڪ نوان ۽ آسان سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ٿيندا. هن اها ڳالهه سومر تي ڪراچي ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان …
معاشي سڌارا ۽ جديدڪاري جي عمل ۾ ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺائڻ ۽ سيڙپڪاري جي ذريعن کي گهڻ رخو بڻائڻ بنيادي اهميت رکن ٿا: ناڻي بابت وفاقي وزير محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد- 06 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته معاشي سڌارا ۽ جديدڪاري جي عمل ۾ ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺائڻ ۽ سيڙپڪاري جي ذريعن کي گهڻ رخو بڻائڻ بنيادي اهميت رکن ٿا. انويسٽ پاڪ پورٽل جي شروعات سان ريٽيل سيڙپڪارن کي وڌيڪ نوان ۽ آسان سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ٿيندا. هن اها ڳالهه سومر تي ڪراچي ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي انويسٽ پاڪ پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ناڻي واري وزير پورٽل جي جاري ڪرڻ تي اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ ان جي پوري ٽيم کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته اهي قدم ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي هڪ نئين دور جي شروعات ثابت ٿيندا. ناڻي واري وزير چيو ته ان کان اڳ هو راست پروگرام جي شروعات جي موقعي تي به اسٽيٽ بئنڪ آيو هو. اڄ راست پاڪستان جي ڊجيٽل مالياتي نظام جو سڀ کان مضبوط ٿنڀ بڻجي چڪو آهي . راست پروگرام ادائگين جي نظام ۾ انقلابي تبديليون متعارف ڪرايون آهن، وزيراعظم پاڻ ڪيش ليس پاڪستان قدمن جي قيادت ڪري رهيو آهي، هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته راست هاڻي هڪ خودمختيار گورننس ڍانچي ۽ اثرائتي آپريٽنگ ماڊل تحت ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته معاشي سڌارا ۽ جديدڪاري جي عمل ۾ ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺائڻ ۽ سيڙپڪاري جي ذريعن کي گهڻ رخو بڻائڻ بنيادي معاملا آهن. ان سلسلي ۾ نجي شعبي جي تعاون سان جازڪيش ذريعي گهٽ ۾ گهٽ پنج هزار روپين سان حڪومتي ٽريزري بلز ۾ سيڙپڪاري جي سهولت متعارف ڪرائي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين هڪ هزار کان وڌيڪ نوان سيڙپڪار ان نظام مان فائدو کڻي چڪا آهن. هن چيو ته انويسٽ پاڪ پورٽل جي شروعات سان ريٽيل سيڙپڪارن لاءِ وڌيڪ نوان ۽ آسان سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ٿيندا. ناڻي واري وزير چيو ته گذريل 18 مهينن دوران پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ نون سيڙپڪارن جو نمايان انگ شامل ٿيو آهي جن ۾ نوجوان، خاص ڪري جنريشن زي جو وڏو حصو شامل آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اسٽيٽ بئنڪ جو اهو نئون قدم وڌيڪ نوجوانن کي سيڙپڪاري طرف راغب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ناڻي واري وزير چيو ته سيڙپڪاري ۽ مالي وسيلن کي گهڻ رخو بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. حڪومت جي ڪوشش آهي ته مالياتي ضرورتن لاءِ صرف بئنڪن ۽ مالياتي ادارن تي ڀاڙڻ بدران انفرادي ۽ ريٽيل سيڙپڪاري کي به هٿي ڏني وڃي ته جيئن سيڙپڪاري جو دائرو وڌيڪ وسيع ٿئي. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته انويسٽ پاڪ پورٽل جهڙن قدمن جي ڪاميابي لاءِ صارفين جي راءِ ۽ انهن جي تجربن کي خصوصي اهميت ڏيڻ اڻٽر آهي. ڇاڪاڻ ته مضبوط اعتماد، شفافيت ۽ اداره جاتي ساک کي هٿي ڏيڻ ان صورت ۾ ئي ممڪن آهي.










