مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني پاران جهلم جي تاريخي لجپت راءِ لائبريري جو نئين سر مرمت بعد افتتاح

اسلام آباد - 06 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني 90 سال کان پوءِ جهلم جي تاريخي لجپت راءِ لائبريري جو نئين سر مرمت بعد افتتاح ڪيو ۽ ان جا مختلف حصا ڏٺا. سومر ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته جهلم جي شاندار تاريخي علمي ۽ ادبي ورثي جي بحالي تي کيس دلي خوشي ٿي …

اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني 90 سال کان پوءِ جهلم جي تاريخي لجپت راءِ لائبريري جو نئين سر مرمت بعد افتتاح ڪيو ۽ ان جا مختلف حصا ڏٺا. سومر ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته جهلم جي شاندار تاريخي علمي ۽ ادبي ورثي جي بحالي تي کيس دلي خوشي ٿي آهي. ننڍي کنڊ جي آزادي واري تحريڪ  جي هيرو لجپت راءِ جي نالي سان لاڳاپيل اها لائبريري لاله لڌا شاه بندرا جي پٽ لاله گوران دتامل پنهنجي والد  جي ياد ۾ تعمير ڪرائي هئي. خراب حالت واري عمارت جو نه رڳو تاريخي ۽ قديم ثقافتي حسن بحال ڪيو ويو آهي.  پر 500 نوان ڪتاب به رکيا ويا آهن. پهريون ڀيرو فل ٽائيم لائبريرين به رکيو ويندو. مملڪتي وزير چيو ته نئين فرنيچر کان علاوه ڪاٺ جي انتهائي وڻندڙ بڪ شيلفس ۾ پهريون ڀيرو موضوع جي لحاظ  کان ڪتاب به رکيا ويا آهن.

مزید خبریں