لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ گرمين جي موسم جون موڪلون شروع، روسٽر جاري

لاهور - 06 جولاءِ (اي پي پي) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ گرمين جي موسم جي موڪلن جي شروعات ٿي وئي جنهن تحت پرنسپل سيٽ تي 6 ڊويزن بئنچون مختلف نوعيت جي اپيلن جڏهن ته 23 سنگل بئنچون  مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪنديون. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جي منظوري سان ايڊيشنل رجسٽرار (جوڊيشل) سيد شبير حسين شاهه موڪلن جو روسٽر جاري ڪيو. گرمين جي موسم  جون موڪلون سيپٽمبر جي پهرين …

لاهور – 06 جولاءِ (اي پي پي) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ گرمين جي موسم جي موڪلن جي شروعات ٿي وئي جنهن تحت پرنسپل سيٽ تي 6 ڊويزن بئنچون مختلف نوعيت جي اپيلن جڏهن ته 23 سنگل بئنچون  مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪنديون. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جي منظوري سان ايڊيشنل رجسٽرار (جوڊيشل) سيد شبير حسين شاهه موڪلن جو روسٽر جاري ڪيو. گرمين جي موسم  جون موڪلون سيپٽمبر جي پهرين هفتي تائين جاري رهنديون. روسٽر موجب چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ سموري نوعيت جي اپيلن جي ٻڌڻي ڪندي، جڏهن ته جسٽس شهباز رضوي ۽ جسٽس محمد طارق نديم جي سربراهي ۾ قائم ٻه رڪني بئنچ ڪرمنل اپيلن جي ٻڌڻي ڪندي. اهڙي طرح جسٽس فيصل زمان، جسٽس احمد نديم ارشد ۽ جسٽس ملڪ اويس خالد جي سربراهي ۾ قائم ٻه رڪني بئنچ مختلف نوعيت جي سول اپيلن تي ٻڌڻي ڪندي.

مزید خبریں