ڪرسٽيانو رونالڊو پنهنجي ٽيم کي فيفا ورلڊ ڪپ جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچائي ڇڏيو

ٽورنٽو- 3 جولاءِ (اي پي پي) دنيا جي مشهور فٽبالر ۽ پرتگال جي ڪپتان ڪرسٽيانو رونالڊو جي شاندار ڪارڪردگي سبب پرتگال جي ٽيم فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا  مطابق، پرتگال جي ٽيم ڪينيڊا ۾ کيڏيل هڪ دلچسپ رائونڊ آف 32 ميچ ۾ ڪروشيا کي هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏني. پرتگال جي ڪپتان ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ متبادل رانديگر …

ٽورنٽو- 3 جولاءِ (اي پي پي) دنيا جي مشهور فٽبالر ۽ پرتگال جي ڪپتان ڪرسٽيانو رونالڊو جي شاندار ڪارڪردگي سبب پرتگال جي ٽيم فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا  مطابق، پرتگال جي ٽيم ڪينيڊا ۾ کيڏيل هڪ دلچسپ رائونڊ آف 32 ميچ ۾ ڪروشيا کي هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏني. پرتگال جي ڪپتان ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ متبادل رانديگر گونسالو راموس هڪ هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم کي ڪامياب ڪرڻ  ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو . ٻئي ٽيمون پنهنجي پنهنجي گروپن ۾ ٻئي نمبر تي رهيون ۽  ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ انهن جو پهريون مقابلو هو.ميدان ۾ 41 سالن جي ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ 40 سالن جي لوڪا موڊرڪ جي ميدان ۾ هجڻ سان، اهو ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هو ته 40 سالن کان وڌيڪ عمر جا ٻه آئوٽ فيلڊ رانديگر هڪ ٻئي خلاف کيڏي رهيا هئا. پرتگال جي ٽيم کي پهرين هاف جي چوٿين منٽ ۾ گول ڪرڻ جو بهترين موقعو مليو، پر برونو فرنينڊس جي ڪوشش کي ڪروشيا جي دفاع ۽ گول ڪيپر ڊومينڪ ليواڪووچ ناڪام بڻائي ڇڏيو. ٻيو هاف به دلچسپ رهيو ، ڪروشيا 53 هين منٽ ۾ ايوان پيريسڪ جي ذريعي ڪاميابي حاصل ڪئي. ڪروشيا ٿوري دير کان پوءِ ٻيو گول ڪيو پر اهو آف سائڊ هجڻ سبب رد ڪيو ويو. گونسالو راموس ميچ جي آخري لمحن ۾ هڪ شاندار هيڊر اسڪور ڪري پرتگال کي فتح ڏياري. پرتگال جو ٻيو مقابلو 6 جولاءِ تي ڊلاس ۾ رائونڊ آف 16 ۾ اسپين سان ٿيندو.