وينڪوور _3 جولاءِ (اي پي پي )سوئٽزرلينڊ جي ٽيم پنهنجي شاندار ڪارڪردگي عيوض 23هين فيفا ورلڊ ڪپ جي پري ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچي وئي . پرڏيهي ميڊيا مطابق سوئٽزرلينڊ جي ٽيم رائونڊ 32 جي ميچ ۾ الجزائر کي 0-2 تان هارائي ورلڊ ڪپ جي ٽاپ 16 رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪيو . بريل ڊونلڊ ايمبولو ۽ ڊين نڊوي هڪ _ هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم سوئٽزرلينڊ جي فتح ۾ اهم …
فٽ بال ورلڊڪپ جي مقابلي ۾ سوئٽزرلينڊ جي ٽيم الجزائر کي 0-2 تان شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل ۾ داخل

مزید خبریں
وينڪوور _3 جولاءِ (اي پي پي )سوئٽزرلينڊ جي ٽيم پنهنجي شاندار ڪارڪردگي عيوض 23هين فيفا ورلڊ ڪپ جي پري ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچي وئي . پرڏيهي ميڊيا مطابق سوئٽزرلينڊ جي ٽيم رائونڊ 32 جي ميچ ۾ الجزائر کي 0-2 تان هارائي ورلڊ ڪپ جي ٽاپ 16 رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪيو . بريل ڊونلڊ ايمبولو ۽ ڊين نڊوي هڪ _ هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم سوئٽزرلينڊ جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو . ڪينڊا ۾ کيڏيل ميگا ايونٽ جي رائونڊ 32 جي ميچ ۾ سوئٽزرلينڊ ۽ الجزائر جون ٽيمون آمهون سامهون هيون جنهن ۾ سوئٽزرلينڊ جي ٽيم شاندار راند پيش ڪندي الجزائر خلاف 0-2 جي هڪ طرفي ڪاميابي سان ورلد ڪپ رائونڊ 16 ۾ جڳهه ٺاهي ورتي. سوئٽزرلينڊ جو پري ڪوارٽر فائنل ۾ مقابلو جمعي ڏينهن ڪولمبيا ۽ گهانا وچ ۾ ٿيندڙ ميچ جي فاتح ٽيم سان ٿيندو. الجزائر جي ٽيم رائونڊ آف 32 کان ٻاهر ٿيندڙ ٻين آفريقي ٽيمن آئيوري ڪوسٽ، ڪانگو، سينيگال ۽ سائوٿ آفريقا جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويو آهي جڏهن ته آفريقا طرفان هيستائين صرف مراڪش ئي پري ڪوارٽر فائنل مرحلي ۾ پهچي سگهيو آهي.











