اسپين جي گول ڪيپر سيمون پاران فيفا ورلد ڪپ ۾ 519 منٽن تائين مخالفن کي گول ڪرڻ کان روڪيندي نئون رڪارڊ قائم

ٽورنٽو _3 جولاءِ (اي پي پي ) اسپين جي ٽيم 23 هين فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي رائونڊ 32 ميچ ۾ حريف آسٽريا کي شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسپين جو گول ڪيپر انائي سيمون ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ ڊگهي ترين عرصي تائين مخالف رانديگرن کي گول ڪرڻ کان روڪيندي 36 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. هن آسٽريا خلاف 0-3 جي فتح …

ٽورنٽو _3 جولاءِ (اي پي پي ) اسپين جي ٽيم 23 هين فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي رائونڊ 32 ميچ ۾ حريف آسٽريا کي شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسپين جو گول ڪيپر انائي سيمون ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ ڊگهي ترين عرصي تائين مخالف رانديگرن کي گول ڪرڻ کان روڪيندي 36 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. هن آسٽريا خلاف 0-3 جي فتح ۾ مسلسل چوٿون ڀيرو مخالف رانديگرن کي گول ڪرڻ کان روڪيندي اهو ڪارنامو انجام ڏنو. انائي سيمون گذريل ٻن ورلڊ ڪپ ميچن دوران مسلسل 519 منٽ تائين پنهنجي ٽيم خلاف ڪنهن کي ڪو گول نه ڪرڻ ڏنو. ان کان اڳ اهو رڪارڊ 1990ع جي ورلڊ ڪپ ۾ اٽلي جي مشهور گول ڪيپر والٽرزينگا 517 منٽن تائين ڪو گول نه ڪرڻ ڏيندي اهو رڪارڊ قائم ڪيو هو.