ايٽلانٽا-02 جولاءِ (اي پي پي) انگلينڊ جي فٽ بال ٽيم جي ڪپتان هيري ڪين آخري وقت ۾ 2 شاندار گول ڪري انگلينڊ کي فيفا ورلڊ ڪپ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي اپ سيٽ ۽ عبرتناڪ شڪست کان بچائي ورتو ۽ انگلينڊ جي ٽيم ٽاپ 16 رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايٽلانٽا ۾ کيڏيل ان دلچسپ ناڪ آئوٽ ميچ ۾ ڪانگو ڊي آر شاندار شروعات ڪئي …
فٽ بال ورلڊ ڪپ 2026 ع ۾ انگلينڊ جي ٽيم پاران ٽاپ 16 ۾ رسائي

مزید خبریں
ايٽلانٽا-02 جولاءِ (اي پي پي) انگلينڊ جي فٽ بال ٽيم جي ڪپتان هيري ڪين آخري وقت ۾ 2 شاندار گول ڪري انگلينڊ کي فيفا ورلڊ ڪپ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي اپ سيٽ ۽ عبرتناڪ شڪست کان بچائي ورتو ۽ انگلينڊ جي ٽيم ٽاپ 16 رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايٽلانٽا ۾ کيڏيل ان دلچسپ ناڪ آئوٽ ميچ ۾ ڪانگو ڊي آر شاندار شروعات ڪئي ۽ ميچ جي شروعاتي منٽن ۾ برائن سيپينگا جي شاندار گول سبب ٽيم کي فيورٽ انگلينڊ خلاف 0-1 جي گول جي حيران ڪن برتري ڏياري ڇڏي ۽ انگلينڊ جي ٽيم تي دٻاءَ وڌائي ڇڏيو. پهرين هاف ۾ انگلينڊ جي اسٽار رانديگر جوڊبيلنگهم ۽ مارڪس ريشفورڊ جي حملن کي ڪانگو جي گول ڪيپر ليونل مپاسي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري ناڪام بڻايو جڏهن ته ڪوچ ٿامس ٽوخل پاران ٻئي هاف ۾ ڪيل تبديلين ميچ جو رخ بدلائي ڇڏيو. جتي متبادل رانديگر اينٿوني گورٽن بهترين راند پيش ڪندي 75 هين منٽ ۾ ڪراس فراهم ڪيو جنهن تي هيري ڪين هيڊر ذريعي گول ڪري مقابلو 1-1 تان برابر ڪري ڇڏيو ان کان پوءِ 86 هين منٽ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر گورڊن وٽ هيري ڪين پنهنجو ٻيو گول اسڪور ڪري ٽيم جي ڪاميابي يقيني بڻائي انهن ٻن گولن سميت هيري ڪين جو ورلڊ ڪپ تاريخ ۾ گولن جو انگ 13 ٿي ويو آهي. هاڻي ميگا ايونٽ ۾ ايندڙ آچر تي رائونڊ آف 16 جي وڏي مقابلي ۾ انگلينڊ جو مقابلو ميزبان ميڪسيڪو سان هوم گرائونڊ اسٽيڊيو ازٽيڪا ۾ ٿيندو.











