ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس 04 جولاءِ کان شروع ٿيندي، ريس ۾ 23 ٽيمون حصو وٺنديون

پيرس-02 جولاءِ (اي پي پي) انٽرنيشنل سائيڪلنگ يونين (يو سي آءِ) جي انتظام هيٺ ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس جو 113هون ايڊيشن 4 جولاءِ کان اسپين، بارسلونا، کان شروع ٿيندو. جيڪو 26 جولاءِ تي فرانس جي گادي واري شهر پئرس ۾ پڄاڻي تي پهچندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ تياريون عروج تي آهن. ريس ۾ 23 ٽيمون حصو وٺنديون. ريس ۾ سمورين 18 يو سي …

پيرس-02 جولاءِ (اي پي پي) انٽرنيشنل سائيڪلنگ يونين (يو سي آءِ) جي انتظام هيٺ ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس جو 113هون ايڊيشن 4 جولاءِ کان اسپين، بارسلونا، کان شروع ٿيندو. جيڪو 26 جولاءِ تي فرانس جي گادي واري شهر پئرس ۾ پڄاڻي تي پهچندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ تياريون عروج تي آهن. ريس ۾ 23 ٽيمون حصو وٺنديون. ريس ۾ سمورين 18 يو سي آءِ عالمي ٽيمن کي دعوت ڏني وئي آهي. ان کان علاوه ريس ۾ 5 يو سي آءِ پرو ٽيمون به شرڪت ڪنديون. ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس ۾ دنيا جا نامور سائيڪل سوار شرڪت ڪندا. ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس 21 مرحلن تي ٻڌل هوندي جنهن ۾ سائيڪل سوار 3333 ڪلوميٽرن (2071) ميلن جي مفاصلي جو سفر طعي ڪندا. ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس ۾ 23 ٽيمون ٽائيٽل لاءِ ايڪشن ۾ نظر اينديون . ريس ۾ 13 ۽ 20 جولاءِ آرام جا ڏينهن هوندا. ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس جو پهريون ايڊيشن پهريون ڀيرو 1903ع ۾ ٿيو جيڪو فرانس جي سائيڪل سوار مورس فرانسس گارين کٽيو هو.

مزید خبریں