ٽاپ سيڊڊ جينڪ سنر ۽ نوويڪ جوڪووچ  جي فتح جو سلسلو جاري، ومبلڊن اوپن مينز سنگلز جي ٽئين رائونڊ ۾ داخل

لنڊن- 2 جولاءِ (اي پي پي) اٽلي جو مشهور ٽينس اسٽار، دفاعي چيمپيئن ۽ ميگا ايونٽ جو ٽاپ سيڊڊ جينڪ سنر ۽ سربيا جو مشهور ٽينس اسٽار ۽  24 گرينڊ سلام ٽائٽلز کٽندڙ، نوويڪ جوڪووچ ومبلڊن اوپن ٽينس جي مينز سنگلز مقابلي جي ٽئين رائونڊ ۾ پهچي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب، 24 سالن جي اٽلي جي ٽينس اسٽار مردن جي سنگلز ميچ جي ٻئي رائونڊ ۾ پرتگال جي مخالف رانديگر …

لنڊن- 2 جولاءِ (اي پي پي) اٽلي جو مشهور ٽينس اسٽار، دفاعي چيمپيئن ۽ ميگا ايونٽ جو ٽاپ سيڊڊ جينڪ سنر ۽ سربيا جو مشهور ٽينس اسٽار ۽  24 گرينڊ سلام ٽائٽلز کٽندڙ، نوويڪ جوڪووچ ومبلڊن اوپن ٽينس جي مينز سنگلز مقابلي جي ٽئين رائونڊ ۾ پهچي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب، 24 سالن جي اٽلي جي ٽينس اسٽار مردن جي سنگلز ميچ جي ٻئي رائونڊ ۾ پرتگال جي مخالف رانديگر نونو بورگيس کي شڪست ڏئي ٽئين رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪيو، جڏهن ته 24 گرينڊ سلام ٽائٽل کٽندڙ 39 سالن جي سربيا جي اسٽار نوويڪ جوڪووچ مردن جي سنگلز مقابلن جي ٻئين رائونڊ جي ميچ ۾ يونان جي مخالف رانديگر اسٽيفانوس کي 0-3 تان شڪست ڏئي ٽئين رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪيو. سال جي ٽئين گرينڊ سلام ومبلڊن اوپن ٽينس جا دلچسپ مقابلا انگلينڊ ۾ جاري آهن جنهن ۾ ٽينس جي مداحن کي تمام دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ جو موقعو ملي رهيو آهي. اٽلي جي جينڪ سنر شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ پرتگال جي مخالف نونو بورگيس کيٽائي بريڪ کي شڪست ڏئي ٽئين رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪيو. هڪ ٻي ميچ ۾، 39 سالن جي سربيا جي ٽينس اسٽار ۽ 24 هين گرينڊ سلام ٽائٽلز جي ڪامياب، نوواڪ جوڪووچ، مردن جي سنگلز مقابلي جي ٻئي رائونڊ ميچ ۾ سٺي راند جو مظاهرو ڪندي يونان جي اسٽيفانوس کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ جي ٽئين رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪيو. سربيا جي اسٽار نوواڪ جوڪووچ مجموعي طور تي پنهنجي 25 هين گرينڊ سلام لاءِ ڪوششون ڪري رهيو  آهي.