سنڌ جي گهرو وزير پاران يومِ عاشور جي موقعي تي ڪراچي جي مرڪزي جلوس جي سيڪيورٽي انتظامن جو تفصيلي جائزو

ڪراچي-26 جون (اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار يومِ عاشور جي موقعي تي ڪراچي جي مرڪزي جلوس جي سيڪيورٽي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو. هن مرڪزي جلوس جي گذرگاهه جو دورو ڪري سيڪيورٽي انتظامن، پوليس جي مقرري  داخلا ۽ نڪرڻ وارن رستن جو معائنو ڪيو.ان موقعي تي آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۽ ٻيا سينيئر پوليس آفيسر پڻ ساڻس گڏ موجود …

ڪراچي-26 جون (اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار يومِ عاشور جي موقعي تي ڪراچي جي مرڪزي جلوس جي سيڪيورٽي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو. هن مرڪزي جلوس جي گذرگاهه جو دورو ڪري سيڪيورٽي انتظامن، پوليس جي مقرري  داخلا ۽ نڪرڻ وارن رستن جو معائنو ڪيو.ان موقعي تي آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۽ ٻيا سينيئر پوليس آفيسر پڻ ساڻس گڏ موجود هئا.سنڌ جي گهرو وزير مرڪزي جلوس جي منتظمن سان ملاقات ڪري عزادارن کي فراهم ڪيل سهولتن ۽ سيڪيورٽي قدمن بابت خيال ونڊيا. هن پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيوراڻي ڪارڪردگي، خدمت جي جذبي، محنت ۽ فرضن جي ذميواراڻي ادائيگي کي ساراهيو.ضياءَ الحسن لنجار هدايت ڪئي ته يومِ عاشور دوران عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سڀئي موجود وسيلا استعمال ڪيا وڃن. هن واضح ڪيو ته مرڪزي جلوس جي پڄاڻي تائين سيڪيورٽي، نگراني ۽ ٽريفڪ مئنيجمينٽ ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت يا لاپرواهي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي.

مزید خبریں