صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جي هدايتن تي غيرقانوني کاڻيون کوٽڻ ۽ منرلز جي غيرقانوني لفٽنگ خلاف سخت ڪارروائي شروع

ڪراچي-24 جون (اي پي پي) سنڌ جي معدنيات واري  وزير سيد سردار علي شاهه جي هدايتن تي غيرقانوني کاڻيون کوٽڻ ۽ منرلز جي غيرقانوني لفٽنگ خلاف سخت ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. منرلز جي غيرقانوني لفٽنگ ۾ کاتي جي آفيسرن جي مبينا ملوث هجڻ بابت شڪايتن جو نوٽيس وٺندي صوبائي وزير فوري قدم کڻڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. سندس هدايتن تي ٻن آفيسرن کي فوري طور کاتي جي سيڪريٽريٽ …

ڪراچي-24 جون (اي پي پي) سنڌ جي معدنيات واري  وزير سيد سردار علي شاهه جي هدايتن تي غيرقانوني کاڻيون کوٽڻ ۽ منرلز جي غيرقانوني لفٽنگ خلاف سخت ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. منرلز جي غيرقانوني لفٽنگ ۾ کاتي جي آفيسرن جي مبينا ملوث هجڻ بابت شڪايتن جو نوٽيس وٺندي صوبائي وزير فوري قدم کڻڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. سندس هدايتن تي ٻن آفيسرن کي فوري طور کاتي جي سيڪريٽريٽ ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته هڪ ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ هڪ اسسٽنٽ خلاف کاتيدار ڪارروائي پڻ شروع ڪئي وئي آهي. سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته شڪايتن ۽ شروعاتي جاچ جي بنياد تي وڌيڪ  ڪارروائي به ڪئي ويندي. هن واضح ڪيو ته غيرقانوني کاڻن جي کوٽائي ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته منرلز جي غيرقانوني لفٽنگ ۾ ملوث عنصرن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي. هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ڪنهن به قسم جي منرلز جي غيرقانوني لفٽنگ روڪڻ لاءِ لاڳاپيل علائقن جي پوليس سان گڏجي گڏيل ڪارروائيون ڪيون وڃن ته جيئن قدرتي وسيلن جي غيرقانوني استعمال کي روڪي سگهجي.

مزید خبریں