اطلاعات کاتي سنڌ جي ڊويزنل ڊائريڪٽر حيدرآباد شھزاد شيخ جو ضلعي اطلاعات آفيس بدين جو دورو، زير تعمير آفيس جي عمارت جي ڪم جو جائزو ورتو

بدين- 24 جون (اي پي پي) اطلاعات کاتي سنڌ جي ڊويزنل ڊائريڪٽر حيدرآباد شھزاد شيخ ضلعي اطلاعات آفيس بدين جو دورو ڪري ڪارڪردگي، ميڊيا مينيجمينٽ ۽ عوامي آگاهي مهمن ۽ زير تعمير آفيس جي عمارت جي ڪم جو جائزو ورتو. ان موقعي اطلاعات کاتي سنڌ جو ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد يعقوب ۽ انفارميشن آفيسر علي وقاص سهتو، ضلعي اطلاعات آفيس بدين جا انفارميشن آفيسر سرفراز سمون ۽ عرفان علي جوڻيجو موجود …

بدين- 24 جون (اي پي پي) اطلاعات کاتي سنڌ جي ڊويزنل ڊائريڪٽر حيدرآباد شھزاد شيخ ضلعي اطلاعات آفيس بدين جو دورو ڪري ڪارڪردگي، ميڊيا مينيجمينٽ ۽ عوامي آگاهي مهمن ۽ زير تعمير آفيس جي عمارت جي ڪم جو جائزو ورتو. ان موقعي اطلاعات کاتي سنڌ جو ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد يعقوب ۽ انفارميشن آفيسر علي وقاص سهتو، ضلعي اطلاعات آفيس بدين جا انفارميشن آفيسر سرفراز سمون ۽ عرفان علي جوڻيجو موجود هئا. دوري دوران ڊويزنل ڊائريڪٽر کي ضلعي اطلاعات آفيس بدين جي آفيسرن پاران تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ضلعي اطلاعات آفيس بدين حڪومت سنڌ، ضلعي انتظاميه ۽ مختلف سرڪاري ادارن جي عوام دوست منصوبن، ترقياتي ڪمن، فلاحي پروگرامن، صحت، تعليم، زراعت، پوليو، ماحوليات، ڊجيٽل گورننس ۽ ٻين عوامي ڀلائي وارن قدمن کي پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ذريعي مؤثر نموني اجاگر ڪري رهي آهي بريفنگ دوران اهو پڻ ٻڌايو ويو ته ضلعي اطلاعات آفيس بدين سرڪاري ميڊيا ڪوريج ۾ انتهائي اهم ۽ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. آفيس ضلعي سطح تي ٿيندڙ اهم سرڪاري گڏجاڻين، تقريبن، عوامي ڀلائي جي مهمن، هنگامي صورتحال بابت آگاهي مهمن ۽ حڪومتي پاليسين کي بروقت ميڊيا تائين پهچائي عوام کي مستند ۽ صحيح معلومات فراهم ڪري ٿي. ان سان گڏوگڏ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي ضلعي انتظاميه ۽ حڪومت سنڌ جي ڪارڪردگي کي نمايان ڪرڻ لاءِ جديد مواصلاتي ذريعن جو ڀرپور استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن سان عوام ۽ سرڪاري ادارن وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات کاتي سنڌ جي ڊويزنل ڊائريڪٽر حيدرآباد شھزاد شيخ چيو ته اطلاعات کاتي جو بنيادي مقصد حڪومت جي مثبت قدمن، عوامي ڀلائي جي منصوبن ۽ ترقياتي سرگرمين کي مؤثر انداز ۾ عوام تائين پهچائڻ آهي. هن چيو ته موجوده دور ۾ سوشل ميڊيا هڪ طاقتور ۽ اثرائتو ذريعو بڻجي چڪي آهي، تنهن ڪري جديد گهُرجن موجب ان جو بهتر ۽ ذميواراڻو استعمال انتهائي ضروري آهي هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته ضلعي سطح تي ميڊيا سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو وڃي ۽ هر اهم سرڪاري سرگرمي، عوامي مفاد واري منصوبي ۽ حڪومتي قدم کي بروقت، شفاف ۽ مؤثر انداز ۾ اجاگر ڪيو وڃي، جيئن عوام کي حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ خدمتن بابت مڪمل ۽ صحيح آگاهي حاصل ٿي سگهي دوري دوران ڊويزنل ڊائريڪٽر اطلاعات کاتي جي ضلعي آفيس جي مختلف شعبن جو پڻ معائنو ڪيو ۽ عملي جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي سندن پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ محنت کي واکاڻيو. هن ضلعي اطلاعات آفيس بدين جي مجموعي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي اُن کي وڌيڪ بهتر ۽ جديد گهُرجن سان هم آهنگ بڻائڻ لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪيون.

مزید خبریں