ڊپٽي ڪمشنر بدين جي صدارت ۾ ٻارن جي تحفظ بابت ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس

بدين - 23 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي جي صدارت ۾ ٻارن جي تحفظ بابت ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٻارڙن جي تحفظ سان لاڳاپيل مختلف معاملن ۽ مسئلن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. گڏجاڻي ۾ لاڳاپيل سرڪاري کاتن جي آفيسرن، سماجي ڀلائي، تعليم، صحت، پوليس ۽ ٻارن جي تحفظ سان لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي دوران ٻارن خلاف تشدد، جبري …

بدين – 23 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي جي صدارت ۾ ٻارن جي تحفظ بابت ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٻارڙن جي تحفظ سان لاڳاپيل مختلف معاملن ۽ مسئلن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. گڏجاڻي ۾ لاڳاپيل سرڪاري کاتن جي آفيسرن، سماجي ڀلائي، تعليم، صحت، پوليس ۽ ٻارن جي تحفظ سان لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي دوران ٻارن خلاف تشدد، جبري پورهئي، ٻارن جي استحصال، تعليم تائين رسائي، ٻارن جي صحت ۽ تحفظ بابت موجوده صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ لاڳاپيل ادارن پاران کنيل قدمن بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي چيو ته ٻار اسان جي معاشري جو قيمتي سرمايو آهن ۽ سندن تحفظ، تعليم ۽ صحت کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ذميوارين ۾ شامل آهي. هن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته ٻارڙن جي حقن جي تحفظ لاءِ گڏيل حڪمت عملي تحت ڪم ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به ٻار سان ناانصافي يا استحصال جي صورت ۾ فوري طور تي قانوني ۽ انتظامي ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ضلعي سطح تي چائيلڊ پروٽيڪشن جي نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ مختلف کاتن جي وچ ۾ رابطن ۽ سهڪار کي مضبوط ڪيو ويندو، جڏهن ته ٻارن جي تحفظ بابت عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ به مؤثر مهم هلائي ويندي. گڏجاڻي ۾ ٻارن جي تحفظ سان لاڳاپيل ڪيسن جي نگراني، وقت سر رپورٽنگ ۽ متاثر ٻارڙن کي گهربل سهولتن جي فراهمي بابت پڻ اهم فيصلا ڪيا ويا. شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ضلعي اندر هر ٻار کي محفوظ، صحتمند ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکيون وينديون. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر چائيلڊ پروٽيڪشن دين محمد ڏيرو چيو ته ٻارڙن جي تحفظ لاءِ صوبي ۾ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي قائم آهي، جيڪا ٻارڙن جي حقن جي حفاظت کي يقيني بڻائي ٿي، ننڍي عمر جي شادي قانوني طور جرم آهي، جنهن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻارڙن سان ڪنهن به قسم جي جسماني، ذهني يا جنسي زيادتي قانوني طور سزا جوڳو عمل آهي. تعليمي ادارن تي لازم آهي ته ٻارن لاءِ محفوظ ماحول فراهم ڪن ۽ چائلڊ پروٽيڪشن پاليسي تي عمل ڪن. هنگامي صورتحال يا شڪايت جي صورت ۾ هيلپ لائن 1121 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر زاهد حسين سولنگي، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر وسيم عباس خواجه، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر سرفراز سمون، اسسٽنٽ ڪمشنر بدين راجيش دلپت، اسسٽنٽ ڪمشنر شهيد فاضل راهو محمد عاطف شفيق، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر چائلڊ پروٽيڪشن دين محمد ڏيرو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ عبدالرحيم کٽي، تعلقا ايجوڪيشن آفيسر عبدالفتاح جوڻيجو، اسسٽنٽ جيلر علي گل گبول، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نادرا عبدالجبار، سب انسپيڪٽر هرسنگه سميت لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں