ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران پاڪستان لاءِ 70 ڪروڙ ڊالرن جي قرض جي منظوري

اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) پاڪستان لاءِ 70 ڪروڙ ڊالرن جي قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جو مقصد انشورنس شعبي ۾ سڌارن، ڪوريج ۾ واڌ ۽ مالياتي تحفظ جي نظام کي مضبوط بنائڻ آهي. اي ڊي بي موجب ان پروگرام جو مقصد آبادگارن، عورتن ۽ گهٽ آمدني وارن ڪٽنبن کي بهتر مالي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي. پاڪستان ۾ انشورنس جو ڳاڻيٽو …

اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) پاڪستان لاءِ 70 ڪروڙ ڊالرن جي قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جو مقصد انشورنس شعبي ۾ سڌارن، ڪوريج ۾ واڌ ۽ مالياتي تحفظ جي نظام کي مضبوط بنائڻ آهي. اي ڊي بي موجب ان پروگرام جو مقصد آبادگارن، عورتن ۽ گهٽ آمدني وارن ڪٽنبن کي بهتر مالي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي. پاڪستان ۾ انشورنس جو ڳاڻيٽو هن وقت مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جي صرف 0.7 سيڪڙو جي برابر آهي جڏهن ته نَون سڌارن سان قدرتي آفتن ۽ معاشي لوڏن کي مُنهن ڏيڻ جي صلاحيت ۾ بهتري ايندي ۽ انشورنس مارڪيٽ کي جديد، شفاف ۽ چٽاڀيٽي نظام ۾ تبديل ڪيو ويندو. اي ڊي بي ڊجيٽل نظام ذريعي انشورنس خدمتن کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريندي سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي ۽ جديد انشورنس ماڊلز متعارف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان کان علاوه عورتن ۽ ٻارڙين جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي خاص انشورنس شيون به متعارف ڪرايون وينديون. بئنڪ موجب مؤثر انشورنس نظام قدرتي آفتن کانپوءِ حڪومتي مالي بار ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو جڏهن ته ان پروگرام سان نجي شعبي جي سيڙپڪاري ۽ مجموعي معاشي ترقي کي هٿي ملندي. ڊگهي مُدي وارين بچتن کي انفراسٽرڪچر ۽ بانڊ مارڪيٽ ۾ استعمال ڪرڻ سان گڏوگڏ نجي پينشن اسڪيمن ۽ سالياني پينشن نظام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پڻ قدم کنيا ويندا. اي ڊي بي جو چوڻ آهي ته هڪ مضبوط ۽ جديد انشورنس نظام پاڪستان جي مالي پائيداري، معاشي استحڪام ۽ سماجي تحفظ جي ڍانچي کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.