فلسطين جو صدر محمود عباس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي وڊيو ڪانفرنس ذريعي خطاب ڪندو

والاريل بيت المقدس- 18 سيپٽمبر (اي پي پي) فلسطين جو صدر محمود عباس ايندڙ هفتي نيويارڪ ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا پاران مسلسل ٻئين سال ويزا نه ڏيڻ جي فيصلي بعد گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي وڊيو ڪانفرنس ذريعي خطاب ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو انڪشاف گذريل ڏينهن پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو ويو. ان کان اڳ فلسطيني اٿارٽي مسلسل ٻئين سال نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي …

والاريل بيت المقدس- 18 سيپٽمبر (اي پي پي) فلسطين جو صدر محمود عباس ايندڙ هفتي نيويارڪ ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا پاران مسلسل ٻئين سال ويزا نه ڏيڻ جي فيصلي بعد گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي وڊيو ڪانفرنس ذريعي خطاب ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو انڪشاف گذريل ڏينهن پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو ويو. ان کان اڳ فلسطيني اٿارٽي مسلسل ٻئين سال نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاسن ۾ شرڪت لاءِ فلسطيني صدر کي ويزا ڏيڻ کان آمريڪي پرڏيهي وزارت جي انڪار کي رد ڪري ڇڏيو هو ۽ ان کي غير منصفاڻو قرار ڏنو هو. واضح رهي ته آمريڪا جي پرڏيهي وزارت اربع تي بيان ۾ چيو هو ته هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اجلاس منعقد ٿيڻ کان اڳ فلسطيني اٿارٽي جي اختيارين ۽ فلسطين لبريشن آرگنائزيشن جي ميمبرن کي ويزا جاري ڪرڻ تي پابندي جي قدمن ۾ توسيع ڪندي.