بيجنگ _ 18 سيٽمبر (اي پي پي ) چين جي ثقافتي ورثي جي قومي انتظاميه (اين سي ايڇ اي ) چيو آهي ته آمريڪا، 64 قيمتي ثقافتي ۽ قديمي حياتياتي شيون چين حوالي ڪري ڇڏيون آهن . پرڏيهي ميڊيا مطابق اهي شيون واشنگٽن ۽ نيويارڪ ۾ ٻن مرحلن ۾ ترتيبوار هوم لينڊ سيڪيورٽي انويسٽيگيشنز (ايڇ ايس آءِ ) ۽ مين هٽن ڊسٽرڪٽ اٽارني جي آفيس طرفان حوالي ڪيون ويون . …
آمريڪا چين جون 64 قيمتي ثقافتي ۽ قديمي حياتياتي شيون چين حوالي ڪري ڇڏيون

مزید خبریں
بيجنگ _ 18 سيٽمبر (اي پي پي ) چين جي ثقافتي ورثي جي قومي انتظاميه (اين سي ايڇ اي ) چيو آهي ته آمريڪا، 64 قيمتي ثقافتي ۽ قديمي حياتياتي شيون چين حوالي ڪري ڇڏيون آهن . پرڏيهي ميڊيا مطابق اهي شيون واشنگٽن ۽ نيويارڪ ۾ ٻن مرحلن ۾ ترتيبوار هوم لينڊ سيڪيورٽي انويسٽيگيشنز (ايڇ ايس آءِ ) ۽ مين هٽن ڊسٽرڪٽ اٽارني جي آفيس طرفان حوالي ڪيون ويون . واپسي جي تقريب دوران ثقافت ۽ سياحت بابت نائب وزير ۽ اين سي ايڇ اي جو منتظم رائو ڪوان چيني حڪومت طرفان شين جي واپسي ۽ وصولي جي تصديق تي صحيحون ڪيون . آمريڪا پاران واپس ڪيل شين ۾ آمريڪي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان قبضي ۾ ورتل لونگ شان غارن مان ٻڌ مت جي مجسمن جا ڌڙ، مجسما، مٽي جا ٺهيل مجسما، ڊائنوسار جي ڍانچي جا فوسلز، مڇين جا فوسلز ۽ ڊائنوسار جي انڊن جا فوسلز شامل آهن. اين سي ايڇ اي چيو ته انهن قيمتي اثاثن جي واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ آمريڪا ۾ چين جي سفارتي ۽ قونصلر مشنز ۽ لاڳاپيل آمريڪي اختيارين گڏجي سهڪار ڪيو . تقريب ۾ آمريڪا ۾ چين جي سفير شي فينگ ۽ نيويارڪ ۾ چيني قونصل جنرل لي ڪي کان علاوه آمريڪي پرڏيهي کاتي، هوم لينڊ سيڪيورٽي انويسٽيگيشن ۽ مين هٽن ڊسٽرڪٽ اٽارني آفيس جي نمائندن شرڪت ڪئي.










