اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي ڪاروباري ادارن جو سهڪار اقتصادي ڀائيواري جو اهم ٿنڀ آهي، حڪومت ٽيڪنالاجي، پائيدار صنعتي ترقي ۽ توانائيءَ جي اثرائتي استعمال کي هٿي وٺرائڻ واري سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۾ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه خميس ڏينهن هتي بي واءِ ڊي گروپ ۽ ميگا موٽر ڪمپني جي وفد سان …
پاڪستان ۽ چين جي ڪاروباري ادارن جو سهڪار اقتصادي ڀائيواري جو اهم ٿنڀ آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير
اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي ڪاروباري ادارن جو سهڪار اقتصادي ڀائيواري جو اهم ٿنڀ آهي، حڪومت ٽيڪنالاجي، پائيدار صنعتي ترقي ۽ توانائيءَ جي اثرائتي استعمال کي هٿي وٺرائڻ واري سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۾ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه خميس ڏينهن هتي بي واءِ ڊي گروپ ۽ ميگا موٽر ڪمپني جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي اڳواڻي بي آءِ ڊي گروپ جي نائب صدر ۽ بي واءِ ڊي ايشيا پيسفڪ آٽو سيلز ڊويزن جي جنرل مئنيجر ليوشوئي ليانگ ۽ ميگا موٽر ڪمپني جي سي اِي او علي خان ڪري رهيو هو. وفد جي آجيان ڪندي ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ بي واءِ ڊي جي وڌندڙ سيڙپڪاري ۽ موجودگيءَ کي ساراهيو ۽ چيو ته ڪاروباري ادارن وچ ۾ سهڪار پاڪستان ۽ چين جي مضبوط ٿيندڙ اقتصادي ڀائيواريءَ جو اهم ٿنڀ آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل سيڙپڪاريءَ کي خاص اهميت ڏئي ٿو ۽ کيس يقين آهي ته بي واءِ ڊي ۽ ميگا موٽر ڪمپني جو گڏيل منصوبو صنعتي ترقي، ٽيڪنالاجي جي منتقلي، روزگار جي نَون موقعن ۽ روانگي واپار ۾ واڌ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندو. ليوشائي ليانگ، ناڻي واري وزير کي پاڪستان ۾ بي واءِ ڊي جي سرگرمين ۽ مستقبل جي رٿائن کان آگاهه ڪيو. هن ٻُڌايو ته ڪمپني، ميگا موٽر ڪمپني جي سهاڪر سان پاڪستان ۾ نئين توانائي سان هلندڙ گاڏين ۾ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي رهي آهي. هن اليڪٽرڪ وهيڪل شعبي جي ترقيءَ لاءِ پاڪستان حڪومت جي سهڪار کي ساراهيندي ٻُڌايو ته ڪمپنيءَ جو مقامي مينيوفيڪچرنگ پلانٽ مقرر ٿيل شيڊول موجب تعمير جا مرحلا طئي ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته بي واءِ ڊي پنهنجي شين جي رينج ۾ واڌ، مقامي سطح تي پُرزن جي تياري ۾ واڌ، جديد چارجنگ ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ ۽ سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ افرادي سگهه جي تربيت ذريعي پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي شعبي کي مضبوط بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي. ميگا موٽر ڪمپني جي سي اي او، ناڻي واري وزير کي ٻُڌايو ته بي واءِ ڊي جي عالمي واڌ حڪمت عملي ۾ پاڪستان کي اهم حيثيت حاصل آهي. هن گڏيل منصوبي تحت پاڪستان ۾ ڊگهي مُدي واري سيڙپڪاريءَ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي مقامي مينيوفيڪچرنگ منصوبي جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن مرحليوار لوڪلائزيشن منصوبي جا تفصيل به پيش ڪيا، جنهن تحت مقامي وينڊرز ۽ سپلائرز جي شموليت وڌائي پاڪستان جي آٽو موبائل ويليو چين ۽ صنعتي بنياد کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. ناڻي واري وزير چيو ته عالمي رجحانن مان واضح طور تي اليڪٽرڪ ٽرانسپورٽ طرف تيزيءَ سان وڌندڙ سفر جي نشاندهي ٿي رهي آهي. هن حڪومت جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته اهڙي سيڙپڪاري جي هر ممڪن حوصله افزائي ڪئي ويندي جيڪا ٽيڪنالاجي، پائيدار صنعتي ترقي ۽ توانائيءَ جي اثرائتي استعمال کي هٿي ڏي. هن چيو ته پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ معاشي بنيادن ۽ پرڏيهي شعبي ۾ استحڪام پيداواري سيڙپڪاري ۽ صنعتي واڌ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو آهي. هن اليڪٽرڪ وهيڪل شعبي لاءِ حڪومتي حمايت جو ورجاءُ ڪندي وفد تي زور ڀريو ته مقامي اسيمبلنگ، مينيوفيڪچرنگ ۽ چارجنگ انفراسٽرڪچر جي ترقيءَ جي رٿائن تي تيزيءَ سان عملدرآمد ڪيو وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته سڄي ملڪ ۾ مضبوط ۽ مؤثر چارجنگ نيٽ ورڪ جي دستابي اليڪٽرڪ گاڏين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اڻٽر آهي. هن پاڪستان جي صنعتي ترقيءَ ۾ چيني ڪمپنين جي ڪردار کي ساراهيندي خاطري ڪرائي ته بي واءِ ڊي ۽ ميگا موٽر ڪمپني جي ڀائيواري پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪندي. ملاقات دوران پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ گاڏين ۽ پلڪ اِن هائبرڊ اليڪٽرڪ گاڏين جي مستقبل به تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بي واءِ ڊي جي وفد مختلف ملڪن جي تجربن جي روشنيءَ ۾ ٻُڌايو ته اهڙن ملڪن ۾ جتي چارجنگ انفراسٽرڪچر پڻ ترقي جي مرحلي ۾ هجي، اُتي مڪمل اليڪٽرڪ گاڏين طرف منتقليءَ دوران پلڪ اِن هائبرڊ گاڏيون هڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. اجلاس ۾ پاڪستان ۾ شمسي توانائيءَ جي وڌندڙ استعمال ۽ تجديد جوڳي توانائي کي اليڪٽرڪ ٽرانسپورٽ سان هم آهنگ ڪرڻ جي امڪانن تي به تفصيلي ڳالهيون ٿيون. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ڌُرين اليڪٽرڪ ٽرانسپورٽ، مقامي مينيوفيڪچرنگ، ٽيڪنالاجي جي منتقلي، افرادي قوت جي تربيت ۽ ماحول دوست سفري نظام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته جيئن پاڪستان کي نئين توانائي سان هلندڙ گاڏين جي تياري، جدت ۽ روانگي واپار جي حوالي سان خطي جو هڪ نمايان مرڪز بڻائي سگهجي.











