هجري سال جي شروعات اسان کي اسلامي تاريخ جي عظيم ۽ فيصلائتي واقعي جي ياد ڏياري ٿي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد - 17 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان سميت اسلامي دنيا کي نئين هجري سال 1448هه جي شروعات تي دلي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هجري سال جي شروعات اسان کي اسلام جي تاريخ جي ان عظيم ۽ فيصلائتي واقعي جي ياد ڏياري ٿي جڏهن نبي ڪريم ﷺ ۽ پاڻ ﷺ جي جانثار صحابه ڪرام …

اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان سميت اسلامي دنيا کي نئين هجري سال 1448هه جي شروعات تي دلي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هجري سال جي شروعات اسان کي اسلام جي تاريخ جي ان عظيم ۽ فيصلائتي واقعي جي ياد ڏياري ٿي جڏهن نبي ڪريم ﷺ ۽ پاڻ ﷺ جي جانثار صحابه ڪرام رضه الله تعالى عنه الله تعالى جي رضا، دين حق جي سربلندي ۽ انسانيت جي ڀلائي جي لاءِ مديني جي هجرت جو عظيم سفر اختيار ڪيو. هن چيو ته هي واقعو قرباني، صبر، حوصلي، ٻڌي، ايثار ۽ الله تعالى تي ڪامل توڪل جو لازوال درس ڏي ٿو. الله تعالى قرآن ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

“هَل جَزآءَ الِاحسَانِ اِلاالِاحسَانُ” (الرحمان: 60)

ترجمو: “نيڪي جو بدلو صرف نيڪي ئي آهي.”

هن چيو ته هجرت نبوي ﷺ اسان کي اهو پيغام ڏي ٿي ته قومون رڳو ماديءَ وسيلن سان نه پر اعلى اخلاق، عدل، ديانت، اتحاد ۽ گڏيل مقصدن سان ترقي ڪن ٿيون، مدينه منوره ۾ قائم ٿيندڙ رياست ڀائيچاري، قانون جي حڪمراني، انساني برابري، گڏيل احترام ۽ عوامي ڀلائي جو اهڙو روشن مثال قائم ڪيو جيڪو اڄ به دنيا جي لاءِ مشعل راهه آهي. رسول الله ﷺ فرمايو:

“المسلم من سلم المسلمون من لسانه ويده” (صحيح بخاري)

ترجمو: “مسلمان اهو آهي جنهن جي زبان ۽ هٿ کان ٻيو مسلمان محفوظ رهي.”

صدر آصف علي زرداري چيو ته نئين هجري سال جي شروعات تي اسان کي وچن ڪرڻ گهرجي ته اسان پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگين ۾ برداشت، محبت، ٻڌي ۽ گڏيل احترام کي فروغ ڏينداسين، فرقيواريت، انتهاپسندي، نفرت ۽ تعصب کان پاسو ڪنداسين ۽ پاڪستان کي امن، استحڪام ۽ ترقي جو گهوارو بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين. رسول الله ﷺ فرمايو:

مَثلُ المُومِنينَ فِي تَوَادِهمِ وَتَرَاحمهِم وَتَعَا طُفهِمِ مَثَلُ الجَسَدِ اِذَا اشتَڪى مِنههُ عُضوُتَدعى لَههُ سَائِرُالجَسَدِ بِالسَهَرِوَالحمي (صحيح مسلم)

ترجمو: مومنن جو مثال هڪ ٻئي سان محبت، رحمت ۽ شفقت ڪرڻ ۾ جسم وانگر آهي، جڏهن ان جو هڪ حصو بيماري ۾ مبتلا ٿئي ٿو ته سڄو جسم بي چيني ۽ بخار ۾ ان سان گڏ شريڪ ٿي وڃي ٿو.

صدر چيو ته اسان کي انفرادي ۽ اجتماعي طور تي گڏيل محبت، اخوت، همدرديءَ، ايثار ۽ تعاون جي جذبي کي فروغ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اختلافن، تعصب ۽ ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي قومي مفاد کي ترجيح ڏيڻ به وقت جي اهم ضرورت آهي، جڏهن اسان هڪ جسم وانگر متحد ٿي هڪ ٻئي جو سهارو بڻجنداسين، ڪمزورن جي مدد ڪنداسين ۽ گڏيل ذميواري جو احساس پيدا ڪنداسين ته پاڪستان هڪ مضبوط، مستحڪم ۽ خوشحال رياست بڻجي سگهندو. صدر چيو ته اچو وچن ڪريون ته اسان پنهنجي قول ۽ عمل سان محبت، رحمدلي ۽ يڪجهتي کي فروغ ڏينداسين، اچو نئين هجري سال جو استقبال ان عزم سان ڪريون ته اسان پنهنجي زندگين کي قرآن ۽ سنت موجب بڻايون، قانون جي پاسداري ڪنداسين، قومي يڪجهتي کي مضبوط بڻائينداسين ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪنداسين. صدر چيو ته الله تعالى نئين هجري سال کي پاڪستان، اسلامي دنيا ۽ پوري انسانيت جي لاءِ امن، برڪت، رحمت ۽ خوشحالي جو سال بڻائي.

مزید خبریں