اسلام آباد - 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلمان امت ۽ اهل وطن کي نئين اسلامي سال 1448 هجري جي شروعات تي مبارڪباد ڏيندي دعا ڪئي آهي ته نئون سال نه رڳو اسلامي دنيا پر سموري انسانيت جي لاءِ امن ۽ خوشحالي جي نويد کڻي اچي. اسلامي سال جي شروعات تي مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلمان امت ۽ اهل وطن جي لاءِ …
دعا آهي نئون سال نه رڳو اسلامي دنيا پر سموري انسانيت جي لاءِ امن ۽ خوشحالي کڻي اچي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو نئين اسلامي سال 1448 هجري جي شروعات تي پيغام

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلمان امت ۽ اهل وطن کي نئين اسلامي سال 1448 هجري جي شروعات تي مبارڪباد ڏيندي دعا ڪئي آهي ته نئون سال نه رڳو اسلامي دنيا پر سموري انسانيت جي لاءِ امن ۽ خوشحالي جي نويد کڻي اچي. اسلامي سال جي شروعات تي مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلمان امت ۽ اهل وطن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته 1448 هجري جو هر ڏينهن سڄي دنيا ۾ امن ۽ سلامتي، ڀائيچاري، گڏيل هم آهنگي، گڏيل پرامن بقاءَ ۽ انسانيت جي تحفظ جو ضامن هجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته اسلامي سال جي مبارڪ شروعات دنيا ۾ ايران آمريڪا جي وچ ۾ وڏي تڪرار جي پرامن حل جي خبر سان ٿي رهي آهي. پاڪستان جي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پرخلوص ڪوششن جي ڪاميابي تي پوري قوم مبارڪباد جي مستحق آهي. افهام ۽ تفهيم ۽ پرامن سفارتڪاري جي حڪمت عملي ئي اسلامي طرز ۽ اسوه حسنه جي تعليم آهي. وزيراعظم چيو ته نئون هجري سال پنهنجي شروعات جي روايتي نسبت سان هجرت نبوي ﷺ جي عظيم الشان واقعي جي ياد ڏياري ٿي. هجرت نبوي ﷺ جي نمايان ثمرن ۾ اسلامي تعليم جي روشني ۾ مثالي معاشرت ۽ رياست جو بنياد آهي. ان مثالي رياست انساني تاريخ جو رخ بدلائي ڇڏيو ۽ ايمان، عدل، برابري، ڀائيچاري ۽ انسانيت جي خدمت تي ٻڌل رياست جو بنياد رکيو. هجرت نبوي ﷺ ڀائيچاري، ايثار، گڏيل اعتماد، نظم ۽ ضبط، عدل ۽ انصاف ۽ اجتماعي ذميواري جو درس ڏنو. انهن ئي اصولن ۽ اسوه حسنه جي مڪمل رهنمائي ۾ ئي مسئلن جو حل موجود آهي. وزيراعظم چيو ته محرم الحرام جي شروعات معرڪه ڪربلا جي پڻ ياد ڏياري ٿو جنهن ۾ رسول ﷺ جي ڏوهٽي حضرت امام حسين رضه الله تعالى عنه پنهنجي جانثار ساٿين سميت ڏاڍ جي خلاف اڻٿڪ يقين ۽ جرئت سان قرباني جي تاريخ لکي. هن چيو ته نئين سال جي شروعات تي سڄي دنيا جي مصيبت ۾ ورتل خاص طور تي فلسطين ۽ والاريل ڪشمير جي مسلمان ڀائرن جي حقن جي حمايت ۾ ثابت قدم رهڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته نئين هجري سال جي شروعات تي اچو وچن ڪريون ته اسان پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگي ۾ ديانتداري، محنت، گڏيل احترام ۽ ڀائيچاري ۽ قومي يڪجهتي کي فروغ ڏينداسين ۽ پنهنجي ڪردار ۽ عمل سان پاڪستان جي ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪنداسين. هن دعا ڪئي ته الله تعالى نئين سال کي پاڪستان، اسلامي دنيا ۽ پوري دنيا جي لاءِ خير، برڪت، امن ۽ خوشحالي جو سبب بڻائي.










