مال جُون وڏيُون چراگاهُون (سيمُون) ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، قدرتي چراگاهُون مال چرڻ سميت ڳوٺاڻي روزگار، حياتياتي تنوع ۽ ماحولياتي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيُون: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مال جي وڏين چراگاهن (سيمن)کي ملڪ جو قيمتي اثاثو قرار ڏيندي چيو آهي ته قدرتي چراگاهُون مال چرڻ سميت ڳوٺاڻي روزگار، حياتياتي تنوع ۽ ماحولياتي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيُون، وفاقي حڪومت زرخيز اسڪيم تحت لکين ننڍن آبادگارن جي قرضن جي لاءِ وڏي رقم رکي آهي، زرعي مشينري تي به سبسڊي ڏني پئي وڃي ته جيئن …

اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مال جي وڏين چراگاهن (سيمن)کي ملڪ جو قيمتي اثاثو قرار ڏيندي چيو آهي ته قدرتي چراگاهُون مال چرڻ سميت ڳوٺاڻي روزگار، حياتياتي تنوع ۽ ماحولياتي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيُون، وفاقي حڪومت زرخيز اسڪيم تحت لکين ننڍن آبادگارن جي قرضن جي لاءِ وڏي رقم رکي آهي، زرعي مشينري تي به سبسڊي ڏني پئي وڃي ته جيئن آبادگارن جي پيشيواراڻي صلاحيت ۾ اضافو ڪري سگهجي ۽ زرخيز زمين جي سارسنڀال ٿي سگهي. سوڪهڙي ۽ صحرائي پکيڙ جي روڪٿام جي عالمي ڏينهن جيڪو اڄ (اربع) ڏينهن ملهايو پيو وڃي، جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ان عالمي ڏينهن تي پاڪستان عالمي برادري سان گڏجي زمين جي زرخيزي ۾ ڏڪار، سوڪهڙي جي پکيڙ ۽ سوڪهڙي جي تدارڪ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال اهو عالمي ڏينهن “قدرتي چراگاهن جون زمينون: سڃاڻو، احترا ڪريو، بحال ڪريو” جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي. هي عنوان غذائي ۽ حياتياتي تنوع جي تحفظ، موسمياتي تبديلي، پاڻي نظم ۽ ضبط ۽ مستحڪم زرعي روزگار جي ذريعن جي لاءِ قدرتي گاهن جي زمينن جي غيرمعمولي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي ڏورانهن علائقن ۾ موجود وسيع گاهه جون زمينون اسان جو قيمتي اثاثو آهن. اهي قدرتي گاهه جون زمينون چوپائي مال ۽ ٻئي ڳوٺاڻي روزگار، حياتياتي تنوع ۽ ماحولياتي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي خراب اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. وڌندڙ گرمي پد، سوڪهڙي جو ڊگهو عرصو، پاڻي کوٽ، زرخيز زمين جي خاتمي جهڙا چئلينجز قومي زرعي پيداوار ۽ قومي غذائي تحفظ کي متاثر ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت زمين جي بحالي، گاهن جي زمينن جي متناسب استعمال ۽ انتظام، وڻڪاري، ماحولياتي نظام جي بحالي قدمن، سوڪهڙي جي تدارڪ ۽ مقامي آباديءَ جي شموليت تي ٻڌل ٺوس حڪمت عملي جي ذريعي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وفاقي حڪومت زرعي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ آبادگارن جي مالي مدد جي لاءِ “زرخيز اسڪيم” متعارف ڪرائي آهي جنهن تحت  آبادگارن کي بنا وياج ۽ بنا ضمانت جي قرض فراهم ڪيا پيا وڃن ته جيئن اهي پنهنجي زرعي زمين جي پيداواري صلاحيت ۽ تحفظ جي لاءِ قدم کڻن. وفاقي حڪومت زرخيز اسڪيم تحت لکين ننڍن آبادگارن جي قرضن جي لاءِ وڏي رقم رکي آهي. زرخيز اسڪيم تحت قرضن کانسواءِ زرعي مشينري تي پڻ سبسڊي ڏني پئي وڃي ته جيئن آبادگارن جي پيشيواراڻي صلاحيت کي وڌائڻ سان گڏوگڏ زرخيز زمين جي نگهداشت پڻ ڪري سگهجي. هن چيو ته ان موقعي تي آئون سمورن لاڳاپيل سرڪاري ادارن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت، يونيورسٽين، سول سوسائٽي، نجي شعبي ۽ مقامي برادرين کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي زميني وسيلن جي تحفظ، بحالي ۽ پائيدار انتظام جي لاءِ پنهنجي گڏيل ڪوششن کي وڌيڪ مضبوط بڻائين. انفرادي ۽ گڏيل سطح تي وڻڪاري ۽ گڏيل تعاون جي ذريعي اسان موسمياتي تبديلي جي اثرن جي مقابلي ۾ پنهنجي مزاحمت وڌائي سگهون ٿا ۽ ايندڙ نسل جي لاءِ هڪ مستحڪم ۽ خوشحال مستقبل يقيني بڻائي سگهون ٿا. هن چيو ته اچو ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ته اسان پنهنجي زرخيز زمين، ٻيلن، قدرتي گاهن جي زمينن جي تحفظ ۽ بحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسدين.

مزید خبریں