نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ “ٻارڻ جي تحفظ ۽ اضافي ڪفايت شعاري قدمن جي نگراني ۽ عملدرآمد ڪميٽي” جو اجلاس

اسلام آباد - 16 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي وزارت ۾ “ٻارڻ جي تحفظ ۽ اضافي ڪفايت شعاري قدمن جي نگراني ۽ عملدرآمد ڪميٽي” جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ڪميٽي مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن پاران پيش ڪيل انهن معاملن جو جائزو ورتو جن ۾ مختلف ڪفايت شعاري قدمن کان ڇوٽ جي درخواست ڪئي وئي هئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب …

اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي وزارت ۾ “ٻارڻ جي تحفظ ۽ اضافي ڪفايت شعاري قدمن جي نگراني ۽ عملدرآمد ڪميٽي” جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ڪميٽي مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن پاران پيش ڪيل انهن معاملن جو جائزو ورتو جن ۾ مختلف ڪفايت شعاري قدمن کان ڇوٽ جي درخواست ڪئي وئي هئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب تفصيلي غور فڪر کانپوءِ ڪميٽي ان حوالي سان پنهنجي سفارشن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي بابت سيڪريٽري، پيٽروليم واري سيڪريٽري، موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري سيڪريٽري، بين الصوبائي رابطن واري سيڪريٽري سميت لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.