اسلام آباد-16 جون (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته عدالتي نظام جي اثرائتي ڪارڪردگي لاءِ مسلسل پيشيوراڻي تربيت، ديانتداري ۽ غير جانبداري اهميت رکي ٿي. اها ڳالهه هن ڪي پي ڪي سان تعلق رکندڙ سول ججن جي هڪ وفد سان ملاقات دوران ڪئي، جيڪي فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي ۾ اِن سروس پري پروموشن ٽريننگ ۽ پروفيشنل ايڪسچينج پروگرام تحت تربيت حاصل ڪري رهيا آهن. …
عدالتي نظام جي اثرائتي ڪارڪردگي لاءِ پيشيوراڻي تربيت، ديانتداري ۽غير جانبداري اهميت رکي ٿي: چيف جسٽس آف پاڪستان

مزید خبریں
اسلام آباد-16 جون (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته عدالتي نظام جي اثرائتي ڪارڪردگي لاءِ مسلسل پيشيوراڻي تربيت، ديانتداري ۽ غير جانبداري اهميت رکي ٿي. اها ڳالهه هن ڪي پي ڪي سان تعلق رکندڙ سول ججن جي هڪ وفد سان ملاقات دوران ڪئي، جيڪي فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي ۾ اِن سروس پري پروموشن ٽريننگ ۽ پروفيشنل ايڪسچينج پروگرام تحت تربيت حاصل ڪري رهيا آهن. وفد اسٽڊي ٽوئر طور سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو به دورو ڪيو. ملاقات ۾ فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل، ڪي پي ڪي جوڊيشل اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر، سپريم ڪورٽ جي ڊائريڪٽر جنرل ريفارمز ۽ قانون ۽ انصاف واري ڪميشن جو سيڪريٽري به موجود هو. چيف جسٽس چيو ته عدالتي ذميواريون مسلسل ارتقا پذير آهن، ان ڪري عدالتي ادارن ۽ اڪيڊمين جو ڪردار ججن جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۾ بهتري، فيصلن ۾ هڪجهڙائپ ۽ عوامي اعتماد جي فروغ ۾ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته انصاف صرف قانوني علم تائين محدود ناهي پر ان لاءِ ديانتداري، غير جانبداري ۽ مضبوط عدالتي مزاج به اڻٽر آهي. ججن کي پنهنجون آئيني ذميواريون نڀائيندي انصاف جي وقت سر ۽ منصفاڻي فراهمي کي يقيني بڻائڻ گهرجي. چيف جسٽس شرڪت ڪندڙن کي اعليٰ پيشيوراڻي معيار، عدالتي آزادي ۽ اخلاقي اصولن کي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عدالتي نظام جي ساک ۽ اثرائيت جو ڀاڙڻ ججن جي قابليت، ديانت ۽ عزم تي هوندو آهي. ملاقات جي پڄاڻي تي سوال ۽ جواب جو سيڪشن به ٿيو جڏهن ته اداري جاتي خير سگالي طور تحفن جي ڏي وٺ به ڪئي وئي.










