نوجوانن کي صنعتي انقلاب 4.0 ۽ 5.0 جي تقاضائن سان هم آهنگ بڻائڻ لاءِ يونيورسٽي ڊگري پروگرامن جو فوري جائزو ورتو وڃي: احسن اقبال

اسلام آباد -16 جون (اي پي پي) وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي هدايت ڪئي آهي ته سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ لاڳو سمورن ڊگري پروگرامن ۽ نصاب جو فوري ۽ جامع جائزو ورتو وڃي ته جيئن اعليٰ تعليم جي نظام کي صنعتي انقلاب 4.0 ۽ اڀرندڙ صنعتي انقلاب 5.0 جي تقاضائن سان هم آهنگ بڻائي سگهجي. وفاقي وزير زور ڀريو ته پاڪستان جي مستقبل جي مسابقتي …

اسلام آباد -16 جون (اي پي پي) وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي هدايت ڪئي آهي ته سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ لاڳو سمورن ڊگري پروگرامن ۽ نصاب جو فوري ۽ جامع جائزو ورتو وڃي ته جيئن اعليٰ تعليم جي نظام کي صنعتي انقلاب 4.0 ۽ اڀرندڙ صنعتي انقلاب 5.0 جي تقاضائن سان هم آهنگ بڻائي سگهجي. وفاقي وزير زور ڀريو ته پاڪستان جي مستقبل جي مسابقتي صلاحيت ان ڳالهه سان واڳيل آهي ته نوجوانن کي اهڙي تعليم، مهارتون ۽ صلاحيتون فراهم ڪيون وڃن جيڪي تيزي سان تبديل ٿيندڙ ٽيڪنالاجي ۽ جدت تي ٻڌل عالمي معيشت جي ڪاميابي لاءِ ضروري آهن. هن چيو ته مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس، آٽوميشن، بايوٽيڪنالاجي، ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ، جديد مينيوفيڪچرنگ ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز ۾ ٿيندڙ غير معمولي اڳڀرائي سڄي دنيا ۾ روزگار جي نوعيت کي تيزي سان تبديل ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته ڪيترائي روايتي پيشا غير متعلق ٿيندا پيا وڃن جڏهن ته نوان شعبا ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن جنهن ڪري اعليٰ تعليم جي نظام ۾ بنيادي سڌارا اڻٽر ٿي چڪا آهن. وفاقي وزير ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان اهڙي صورتحال کي منهن نٿو ڏئي سگهجي جتي يونيورسٽيون اهڙن شعبن ۾ گريجوئيٽس تيار ڪنديون رهن جن جي مستقبل جي معيشت ۾ محدود اهميت هجي جڏهن ته صنعتن کي اڀرندڙ شعبن لاءِ گهربل هنرمند افرادي سگهه دستياب نه هجي. هن هدايت ڪئي ته ايڇ اي سي هڪ اعليٰ سطحي فيوچر اسڪلز اينڊ ڪريڪيولم ٽرانسفارميشن ٽاسڪ فورس قائم ڪري جنهن ۾ تعليم جا ماهر، صنعتڪار، ٽيڪنالاجي ماهر، ڪاروباري شخصيتون ۽ پاليسي ساز شامل هجن ته جيئن مستقبل جي معيشت لاءِ گهربل سڌارن واريون تجويزون ڏئي سگهجن. جائزي جي عمل ۾ مصنوعي ذهانت، مشين لرننگ، ڊيٽا سائنس، سائبر سيڪيورٽي، روبوٽڪس، آٽوميشن، ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ، بايو انفارميٽڪس، پريسيزن ايگريڪلچر، تجديد جوڳي توانائي، موسمياتي سائنس، ڊجيٽل هيلٿ، سمارٽ مينيوفيڪچرنگ، فن ٽيڪ، انوويشن مينجمينٽ ۽ ٻين مستقبل تي ٻڌل شعبن ۾ نون پروگرامن جي جاري ڪرڻ ۽ توسيع تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. وفاقي وزير اها به هدايت ڪئي ته سمورن ڊگري پروگرامن ۾ چاهي انهن جو تعلق ڪنهن به شعبي سان هجي، مصنوعي ذهانت بابت بنيادي آگاهي، ڊجيٽل مهارتن، ڊيٽا ايناليٽڪس، تنقيدي سوچ، ڪاروباري صلاحيت، مالياتي خوانگي، مالياتي شعور، ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيتن کي شامل ڪيو وڃي. هن اڏام پاڪستان ويزن جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان جي نوجوان آبادي ملڪ جي سڀ کان وڏي طاقت بڻجي سگهي ٿي، شرط اهو آهي ته انهن کي مستقبل جي تقاضائن سان هم آهنگ مهارتون ۽ صلاحيتون فراهم ڪيون وڃن. ايڇ اي سي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو 60 ڏينهن اندر موجوده ڊگري پروگرامن جي جائزي لاءِ قومي آڊٽ فريم ورڪ، مستقبل جي تقاضائن مطابق نون تعليمي شعبن جي سفارشن ۽ اعليٰ تعليم کي قومي ترقياتي ترجيحن ۽ ليبر مارڪيٽن جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ جامع روڊ ميپ پيش ڪري.