اسلام آباد -16 جون (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري جي صدارت هيٺ پيغام ۾ امن ڪميٽي جو هڪ خاص اجلاس اڱاري ڏينهن هتي منعقد ٿيو، جنهن ۾ محرم الحرام دوران بين المسالڪ هم آهنگي، مذهبي رواداري جي فروغ ۽ سوشل ميڊيا تي فرقيواريت ڦهلائيندڙ عنصرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ناميارن عالمن، اقليتي …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري جي صدارت هيٺ پيغام امن ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد -16 جون (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري جي صدارت هيٺ پيغام ۾ امن ڪميٽي جو هڪ خاص اجلاس اڱاري ڏينهن هتي منعقد ٿيو، جنهن ۾ محرم الحرام دوران بين المسالڪ هم آهنگي، مذهبي رواداري جي فروغ ۽ سوشل ميڊيا تي فرقيواريت ڦهلائيندڙ عنصرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ناميارن عالمن، اقليتي برادري جي نمائندن ۽ اعليٰ سول پوليس عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته عالم سڳورن سان مضبوط ۽ مستقل رابطو گهرو وزارت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن اعلان ڪيو ته پيغام امن ڪميٽي کي هاڻي ضلع سطح تائين فعال ۽ موثر بڻايو ويندو ۽ ان لاءِ هڪ مستقل ڪو آرڊينيٽر به مقرر ڪيو پيووڃي، هن واضح ڪيو ته اسلام ۾ رياست خلاف بغاوت ۽ فساد جي ڪا به گنجائش ناهي، دهشتگردي ۽انتهاپسندي خلاف قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ عوامي آگاهي وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ عالم ان سلسلي ۾ عوام جي رهنمائي ڪن. هن زور ڀريو ته محرم الحرام ۾ امن امان برقرار رکڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. هن اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل تاريخي امن ڳالهين بابت آگاهه ڪندي چيو ته انهن ڳالهين ۾ جتي وزيراعظم شهباز شريف سياسي قيادت ڪئي، اتي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير هڪ ڪپتان طور عملي ميدان ۾ اهم ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. دنيا جا ڪيترائي ملڪ ان ڪوشش ۾ ناڪام رهيا پر فيلڊ مارشل اهو ماڻهو هو جنهن تي سمورين ڌرين کي مڪمل اعتماد هو. هن چيو ته جڏهن جنگ بندي جي ختم ٿيڻ ۾ ڪجهه ڪلاڪ باقي هئا ۽ ڪو نتيجو نه نڪري رهيو هو ته فيلڊ مارشل ايراني اڳواڻن سان واضح انداز ۾ چيو ته قيامت جي ڏينهن توهان گواهي ڏيندا ته مان دل سان ڪوشش ڪئي ته هڪ به جان بچي وڃي ۽ جيڪڏهن هاڻي جنگ ٿئي ٿي ته ان جي ذميواري توهان تي هوندي. انهن لفظن ايراني وفد کي شديد متاثر ڪيو. هن ٻڌايو ته فيلڊ مارشل جي ڪوششن جي ڪري ڌريون ڪيترائي ڀيرا حملو ڪرڻ کان اڳ رڪجي ويون ۽ تاريخي معاهدو طئي ٿيو. اجلاس ۾ موجود عالمن ان عظيم ڪاميابي تي وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ گهرو وزير محسن نقوي کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي مملڪتي وزير طلال چوڌري به پيغام امن ڪميٽي جي هاڪاري ڪردار کي ساراهيو. اجلاس جي پڄاڻي تي ملڪ جي سلامتي، استحڪام ۽ امن امان لاءِ خاص دعا ڪئي وئي.










