اسلام آباد - 16 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي ڪميونسٽ پارٽي (سي پي سي) جي مرڪزي ڪميٽي جي پوليٽيڪل بيورو جي ميمبر ۽ چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تحت طئي ٿيندڙ مفاهمت جي آجيان ڪندي ان کي خطي ۾ پائيدار امن …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه
اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي ڪميونسٽ پارٽي (سي پي سي) جي مرڪزي ڪميٽي جي پوليٽيڪل بيورو جي ميمبر ۽ چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تحت طئي ٿيندڙ مفاهمت جي آجيان ڪندي ان کي خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي فروغ طرف هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو. پرڏيهي وزير وانگ يي پاڪستان جي فعال سفارتي ڪوششن ۽ موثر ثالثي جي ڪوششن کي ساراهيو جنهن ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مسلسل رابطي ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. هن عالمي امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۾ چين جي مستقل حمايت کي ساراهيو. هن علائقائي امن ۽ استحڪام جي بحالي جي لاءِ چين جي اهم خدمتن خاص طور تي صدر شي جن پنگ جي چار نقاطي تجويزن ۽ پاڪستان – چين پنج نقاطي قدمن جو پڻ ذڪر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڌرين جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت تي موثر عملدرآمد ۽ سمورن باقي رهجي ويل مسئلن جي پرامن حل جي لاءِ مسلسل رابطو ۽ مشاورت ضروري آهي. هنن عالمي معيشت، توانائي جي تحفظ ۽ عالمي واپار جي لاءِ آبنائي هرمز جي کليل رهڻ جي اهميت جي تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي طرفن کان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي تازي ڪامياب دوري تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ان جي نتيجن تي موثر عملدرآمد ۽ اڳڀرائي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سي پيڪ تي گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ ۽ ٻطرفي اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي اهم ٻطرفي ۽ علائقائي معاملن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ ۽ مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.











