اسلام آباد-16 جون (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي، ته بلوچستان جي مسئلن جو حل سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، آزاد ڪشمير جي مهاجرين جي سيٽن جو فيصلو اتي جي چونڊيل اسيمبلي ۽ چونڊيل عوامي نمائندن کي ڪرڻو آهي، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جو سڌي ريت تعلق افغانستان سان آهي. قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ تي بحث ۾ …
بلوچستان جي مسئلن جو حل سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جو سڌي ريت تعلق افغانستان سان آهي، معيشت آءِ سي يو مان نڪري چڪي آهي: دفاع وارو وفاقي وزير
اسلام آباد-16 جون (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي، ته بلوچستان جي مسئلن جو حل سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، آزاد ڪشمير جي مهاجرين جي سيٽن جو فيصلو اتي جي چونڊيل اسيمبلي ۽ چونڊيل عوامي نمائندن کي ڪرڻو آهي، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جو سڌي ريت تعلق افغانستان سان آهي. قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي وفاقي وزير چيو ته تنقيد ڪندي اسان ماضي کي وساري ويهندا آهيون ۽ اهڙا الزام هڪ ٻئي تي لڳائيندا آهيون جنهن جا اسان پاڻ به مرتڪب ٿي چڪا هوندا آهيون. هڪ ٻئي تي الزام لڳايا وڃن پر پنهنجي ساٿي تي به نظر وجهڻ گهرجي. دفاع واري وزير چيو ته پاڪستان امن ڳالهين کي وڪٽري اسٽينڊ تي پهچائي اهم ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، هڪ سال اندر ٻه مرحلا اهڙا به آيا، جن وطن عزيز جي عظمت کي پوري دنيا ۾ روشناس ڪرايو. ان تي اسان وزيراعظم، فيلڊ مارشل ۽ سڄي ٽيم جا ٿورائتا آهيون جن دانشمندي سان ناممڪن کي ممڪن بڻايو. مئي 2025ع ۾ پنج ڀيرا وڏي دشمن اسان تي حملا ڪيا جنهن جو اسان منهن ٽوڙ جواب ڏنو. اهڙا لمحا قومن جي تاريخ ۾ صدين کان پوءِ ايندا آهن، جيڪي فخر لائق آهن. پاڪستان جي عزت ۾ جيڪڏهن اضافو ٿيو آهي ته اهو قوم جي هر هڪ فرد جي عزت ۾ اضافو آهي. قوم جي حيثيت سان اسان کي ان ڪاميابي جو جشن ملهائڻ گهرجي. هن چيو ته بلوچستان جا مسئلا هڪ ٻن ڏينهن ۾ سامهون ناهن آيا، انهن مسئلن جو حل سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، دهشتگردن جيڪڏهن هاءِ ويز ۽ روڊن کي غير محفوظ بڻايو آهي ته هن ايوان جي گڏيل ذميواري آهي ته هو انهن جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، بلوچستان جا مسئلا 50 ڏهاڪن تي آهن، بلوچستان جي مسئلن کي گڏيل دانش سان حل ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته اهي مسئلا ڪنهن هڪ سياسي پارٽي يا صوبي جا ناهن، انهن جي ذميواري اسان سڀني تي گڏيل آهي ۽ ان جو اهڙو حل هئڻ گهرجي جيڪو بلوچستان جي عوام جي قبولڻ جوڳو هجي. دفاع واري وزير چيو ته ايران سان لاڳاپن ۾ تازن مهينن ۾ خوشگوار بهتري آئي آهي، ايران خلاف پابنديون ختم ٿي رهيون آهن، پاڪستان کي انهن تبديلين مان وڌيڪ فائدو ٿيندو ۽ اسان کي وڌيڪ فائدو کڻڻ گهرجي. پابندين جي خاتمي جو وڌيڪ فائدو بلوچستان کي پهچندو. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جو تعلق افغانستان سان آهي، مان پاڻ ٻه ڀيرا ڪابل ويو آهيان، هو پنهنجي ڌرتي کي پاڪستان خلاف استعمال جي لکت ۾ ضمانت ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، مان ترڪيه ۽ قطر ۾ به انهن سان مليو آهيان، ترڪيه ۽ قطر جي اعليٰ اختيارين جا وفد به ان ۾ شامل ٿيا پر اهي نتيجو ڏيندڙ ثابت نه ٿي سگهيا. اسان هر شئي انهن جي تسلي لاءِ ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر هو اها ضمانت ڏيڻ لاءِ تيار ناهن ته سندن ڌرتي پاڪستان خلاف استعمال نه ٿيندي. هن چيو ته اسان 40 سالن تائين افعانين جي ميزباني ڪئي پر هتي امن نه ٿيو، 2022ع کان وٺي هن وقت تائين 4 هزار سيڪيورٽي اهلڪار ۽ آفيسر شهيد ٿي چڪا آهن، اهي اهلڪار انهن ماڻهن جي ڪري شهيد ٿيا جن جي اسان ميزباني ڪئي. وزير دفاع چيو ته 80ع جي ڏهاڪي جي پاليسين سبب پاڪستان جنگ جو ميدان بڻيو، ٻاهران ايندڙ ماڻهو هليا ويا ۽ سمورو ملبو ۽ هٿيار هتي ڇڏي ويا، جنهن جا ناڪاري اثر اسان ڀوڳي رهيا آهيون. پاڪستان ڳالهين ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهين لاءِ تيار آهي پر ان جي ضمانت ڏيڻي پوندي ته افغان ڌرتي پاڪستان خلاف استعمال نه ٿيندي، پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ ڳالهيون نه ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته ٻن ڏينهن ۾ اسان 21 جنازن ۾ شرڪت ڪئي آهي، ننڍا ننڍا ٻار يتيم ٿي رهيا آهن، سياچن ۽ افغان سرحد تي جيڪي ماڻهو فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن انهن جا به خاندان آهن، انهن جون قربانيون ضرور رنگ لائينديون ۽ اهي ضايع نه ٿينديون. جيڪي ماڻهو شهيد ٿي رهيا آهن، انهن وفا جا داستان پنهنجي رت سان رقم ڪيا آهن، اهي اسان سڀني جا شهيد آهن. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ جيڪي ڪجهه جاري رهي آهي ان ۾ برطانيه ۾ رهندڙ ڪجهه ماڻهو ۽ ڀارت شامل آهن، 12 سيٽون پاڪستان ۾ مهاجرين جون آهن، آزاد ڪشمير ۾ انهن ماڻهن جو انگ وڌيڪ آهي، جيڪي اتي جا رهواسي آهن. هن چيو ته انهن جي تڪ ۾ پشتون ووٽرز به موجود آهن، انهن جي سڃاڻپ قائم آهي. اهڙي طرح پنجاب جا ماڻهو پشاور ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ رهي رهيا آهن، پشتونن لاءِ الڳ سيٽن جي ڳالهه ڪرڻ فرقي واريت کانسواءِ ڪجهه به ناهي. هن چيو ته ايوان عوام جو نمائنده ايوان آهن، هتي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ وفاق ۽ وطن خلاف ڳالهيون نه ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته موجوده حڪومت جي دور جي شروعات تي ملڪ ڏيوالي ٿيڻ جي ويجهو هو پر حڪومتي قدمن سان معيشت آءِ سي يو مان نڪري چڪي آهي، معيشت استحڪام جي راهه تي گامزن آهي ۽ اميد آهي ته ايندڙ هڪ ٻن سالن ۾ جي ڊي پي گروٿ جي شرح کي 6 کان وٺي 7 سيڪڙو تائين کڻي وڃي سگهجي ٿو. پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته ٽيڪس جي اهڙي شرح هئڻ گهرجي جتي ماڻهو فخر سان پاڻ ٽيڪس ڏئي سگهن.











