اسلام آباد-16 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ تي بحث اڱاري تي به جاري رهيو. ان دوران حڪومتي ميمبرن بجيٽ جي تعريف ڪئي، جڏهن مخالف ڌر تنقيد ڪئي. ميمبرن آمريڪا ايران امن معاهدي ۾ پاڪستان جي ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته ان سان دنيا ۾ پاڪستان جو وقار بلند ٿيو آهي، پاڪستان خطي جي طاقت بڻجي سامهون آيو آهي، اسان کي قومي …
قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ تي بحث جاري، حڪومتي ميمبرن جي بجيٽ جي تعريف، مخالف ڌر جي تنقيد
اسلام آباد-16 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ تي بحث اڱاري تي به جاري رهيو. ان دوران حڪومتي ميمبرن بجيٽ جي تعريف ڪئي، جڏهن مخالف ڌر تنقيد ڪئي. ميمبرن آمريڪا ايران امن معاهدي ۾ پاڪستان جي ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته ان سان دنيا ۾ پاڪستان جو وقار بلند ٿيو آهي، پاڪستان خطي جي طاقت بڻجي سامهون آيو آهي، اسان کي قومي يڪجهتي کي هٿي ڏيندي ملڪ کي اندروني طور تي درپيش چئلينجن مان به آزادي ڏيارڻي پوندي. قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي عبدالقادر پٽيل چيو ته پاڪستان ٽين عالمي جنگ کي روڪي ڪارنامو انجام ڏنو آهي، جيڪو تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو، ان کان اڳ پاڪستان ڀارت کي شڪست ڏني هئي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ملڪ جي سياسي قيادت ان حوالي سان تعريف لائق آهي. هن چيو ته پي پي پي جو واضح موقف آهي ته ملڪي مفاد لاءِ سمورا سودا ڪندي پر ڪنهن پارٽي جي مفاد ۾ ڪو به سودو نه ڪندي. عبدالقادر پٽيل چيو ته عوام کي کائڻ پيئڻ جون شيون ملي رهيون هجن، ٻار اسڪول وڃي رهيا هجن ۽ ماڻهن کي علاج جون سهولتون ميسر هجن ته جي ڊي پي جا انگ اکر ڪهڙا به هجن ان سان فرق نٿو پوي، هدفن کي حقيقت پسنداڻو رکڻ گهرجي، اڻ سڌي ريت ٽيڪسن جو وڏو بار ملڪ جي غريب ماڻهن تي پئجي رهيو آهي، گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي شرح ۽ پگهارن ۾ گهٽ اضافو ڪيو ويو آهي، فڪسڊ ٽيڪس جي دائري ۾ اضافو ڪيو وڃي. اسڪولن جي فيس جي شرح کي فڪس ڪيو وڃي، بي آءِ ايس پي کي بار بار نه ڇيڙيو وڃي ۽ ان تي سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته بيورو ڪريسي کي ٽي وي تي نه وڃڻ گهرجي ۽ ان بدران وزيرن کي پاليسي بيان ڏيڻ گهرجن. صوماليه ۾ سامونڊي ڌاڙيلن 10 پاڪستانين کي يرغمال بڻايو آهي، اسپيڪر کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ پرڏيهي وزارت کان تفصيل حاصل ڪرڻ گهرجن. مخالف ڌر جي ميمبر جنيد اڪبر خان چيو ته جي ڊي پي جي شرح سان آبادي جي شرح ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي، افغانستان سان واپار جي شروعات ڪئي وڃي. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جامع قدم کنيا وڃن. عاطف خان چيوته سياست ۽ معيشت هڪ ٻئي سان جڙيل آهن، بار بار آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ سان اسان جون ڏکيائيون نه گهٽبيون، بجيٽ ۾ عوامي رليف لاءِ قدمن جو فقدان آهي، دعوائن باوجدو عوام جون ڏکيائيون گهٽ نه ٿيون، جيستائين اشرافيه جي مفادن جو تحفظ جاري رهندو، ان وقت تائين بهتري نه ٿي اچي سگهي. مخالف ڌر ميمبر ثنا الله مستي خيل چيو ته بجيٽ جو 5 سيڪڙو پي ايس ڊي پي لاءِ رکيو ويو آهي جيڪو تمام گهٽ آهي، بجيٽ جو ڪل 43 سيڪڙو قرضن تي وياج جي مد ۾ رکيو ويو آهي، اسان جي دور ۾ اوسر واري شرح 6 سيڪڙو کان وڌيڪ هئي، بجيٽ ۾ نوجوانن لاءِ ڪجهه به ناهي، صنعت ۽ زراعت کي ان ۾ تحفظ ناهي ڏنو ويو. هن بجيت کي رد ڪيون ٿا. پي پي پي ميمبر سحر ڪامران چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدي تي سول ۽ فوجي ليڊرشپ مبارڪن جي مستحق آهي جن دنيا کي بچايو، هن چيو ته بجيٽ ۾ پيٽروليم ليوي مان 1.7 کرب روپيا جمع ڪرڻ ۽ ڪاربن ليوي جو هدف 50 ارب روپيا آهي جيڪو ايف بي آر جي ناڪامي لڪائڻ لاءِ آهي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ گهٽ اضافو ڪيو ويو آهي، پيپلز پارٽي 50 سيڪڙو اضافي جي تجويز ڏني هئي، ان تي سنجيدگي سان غور ڪيو وڃي. پي پي جي نعمان شيخ چيو ته سکر – حيدرآباد موٽر وي منصوبو اڃا تائين مڪمل ناهي ٿيو. هن چيو ته بجيٽ جي هدفن کي حقيقتن پسنداڻو هئڻ گهرجي، اهڙا هدف مقرر ڪيا وڃن جن کي حاصل ڪرڻ ممڪن هجي. انور تاج چيو ته معاشي استحڪام لاءِ قانون جي حڪمراني، سياسي استحڪام ۽ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻو پوندو. انصاف کان سواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. ايم ڪيو ايم ميمبر جاويد حنيف چيو ته هڪ طاقتور مقامي حڪومت جو نظام ضروري آهي، وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ڪراچي ۾ نوڪرين ۾ ڪوٽا ناهي، ڪي – فور منصوبو مڪمل ڪيو وڃي. عبدالحڪيم بلوچ بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته ڪنهن بجيٽ ۾ ملڪي معيشت جي خرابي جو ڪڏهن ناهي ٻڌو، هميشه بهتري ئي ٻڌائي ويندي آهي، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته بجيٽ ۾ ڪجهه رليف آهي، صنعت، ڪاروبار ۽ ريئل اسٽيٽ کي ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي. خوشحال خان ڪاڪڙ چيو ته قومي يڪجهتي سان دفاع مضبوط، معاشي، سياسي استحڪام ٿيندو، ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام آهي. صبا ٽالپر بجيٽ تي تنقيد ڪندي چيو ته زراعت جي شعبي کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، غذائي سلامتي لاءِ هارين کي رليف ڏيڻ ضروري آهي، صاحبزاده صبغت الله چيو ته بجيٽ سازي ۾ آءِ ايم ايف جي مداخلت جو سلسلو بند ناهي ٿيو، بجيٽ جو 40 هون حصو وياج جي ادائگي ۾ وڃي رهيو آهي، وياج جي نظام تحت معيشت ترقي نه ٿي ڪري سگهي. پي ايس ڊي پي ۾ مالا ڪنڊ ڊويزن جي ضلعن لاءِ ڪي به وڏا منصوبا شامل ناهن ڪيا ويا. آسيه اسحاق چيو ته نون پينشنرز لاءِ نوان فنڊ قائم ڪيا وڃن، ان لاءِ سيڙپڪاري ڪئي وڃي، ان سان پينشن بار نه پر اثاث بڻجي سگهي ٿي. پيپلز پارٽي جي ميمبر نويد جيوا چيو ته پوري قوم کي هم آهنگي ۽ اخلاقيات جي ضرورت آهي، اقليتن جو به پورو حق آهي، انهن لاءِ بجيٽ ۾ فنڊ ناهن رکيا ويا، اقليتي ميمبرن لاءِ برابر ترقياتي فنڊز رکيا وڃن.











