سينيٽ اجلاس اربع جي ٻنپهرن جو ساڍي 12 وڳي تائين ملتوي

اسلام آباد-16 جون (اي پي پي) سينيٽ جو اجلاس اربع جي ٻنپهرن جو ساڍي 12 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. اڱاري ڏينهن اجلاس ۾ وفاقي بجيٽ تي حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن بحث جاري رکيو. اجلاس دوران مختلف سياسي پارٽين سان لاڳاپيل سينيٽرز مالي سال جي بجيٽ سان لاڳاپيل پنهنجي راءِ پيش ڪئي. حڪومتي پاليسين، اقتصادي هدفن ۽ عوامي ڀلائي جي قدمن تي خيالن جو اظهار ڪيو، جڏهن ته اپوزيشن ميمبرن بجيٽ جي مختلف شقن تي …

اسلام آباد-16 جون (اي پي پي) سينيٽ جو اجلاس اربع جي ٻنپهرن جو ساڍي 12 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. اڱاري ڏينهن اجلاس ۾ وفاقي بجيٽ تي حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن بحث جاري رکيو. اجلاس دوران مختلف سياسي پارٽين سان لاڳاپيل سينيٽرز مالي سال جي بجيٽ سان لاڳاپيل پنهنجي راءِ پيش ڪئي. حڪومتي پاليسين، اقتصادي هدفن ۽ عوامي ڀلائي جي قدمن تي خيالن جو اظهار ڪيو، جڏهن ته اپوزيشن ميمبرن بجيٽ جي مختلف شقن تي تنقيد ۽ تجويزون به پيش ڪيون. ايوان ۾ بجيٽ تي بحث دوران ميمبرن، معيشت، محصولن، ترقياتي منصوبن، تعليم، صحت ۽ عوامي ڀلائي سان لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان کانپوءِ اجلاس جي ڪارروائي اربع ڏينهن 17 جون تي ٻنپهرن جو ساڍي 12 وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي.