اسلام آباد-16 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته جنگ جي خاتمي کان پوءِ پاڪستان 2027ع لاءِ پنهنجي اقتصادي لاڳتن ۾ بهتري آڻي سگهي ٿو، تنهن هوندي به بجيٽ تي نظرثاني ڪرڻ هاڻي وقت کان اڳ هوندو. ناڻي واري وزير اها ڳالهه اڱاري ڏينهن پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ۾ چئي. هن چيو ته جنگ دوران توانائي جي بنيادي ڍانچي کي پهتل …
جنگ جي خاتمي کان پوءِ پاڪستان 2027ع لاءِ پنهنجي اقتصادي لاڳتن ۾ بهتري آڻي سگهي ٿو: ناڻي وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد-16 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته جنگ جي خاتمي کان پوءِ پاڪستان 2027ع لاءِ پنهنجي اقتصادي لاڳتن ۾ بهتري آڻي سگهي ٿو، تنهن هوندي به بجيٽ تي نظرثاني ڪرڻ هاڻي وقت کان اڳ هوندو. ناڻي واري وزير اها ڳالهه اڱاري ڏينهن پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ۾ چئي. هن چيو ته جنگ دوران توانائي جي بنيادي ڍانچي کي پهتل نقصانن سبب رسد جي نظام کي معمول تي آڻڻ ۾ وقت لڳندو. ان تڪرار مهانگائي جي شرح کي ٻيهر ڊبل ڊجٽ ۾ پهچائي ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته اسان ان ڳالهه جو جائزو وٺي رهيا هئاسين ته جيڪڏهن هي تڪرار وڌيڪ تيز ٿيو ته ته ان جي اڻ سڌي ريت ۽ ثانوي اثثرن کي ڪيئن منهن ڏجي، توانائي جي بنيادي ڍانچي کي نقصان پهتو آهي، البته سپلاءِ چينز کي معمول تي واپس آڻڻ ۾ ڪجهه وقت گهربل هوندو. ناڻي واري وزير چيو ته کيس ايندڙ سال لاءِ اقتصادي لاڳتن ۾ بهتري جا امڪان نظر اچن ٿا پر بجيٽ تي نظرثاني ڪرڻ هن وقت يقينن وقت کان اڳ هوندو. هن چيو ته پاڪستان مالي سال 2027ع دوران پرڏيهي قرضن جي مجموعي ڳاڻيٽي ۾ اضافي ڪيو، بنا ڪريڊيٽر پروفائيل ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ واپاري قرضن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو، اسان اهو ڏسڻ چاهيون ٿا ته ڇا ڪجهه ٻه طرفي قرضن جي جاءِ واپاري ذريعن مان حاصل ٿيل فنانسنگ وٺي سگهجي ٿي، اسان جو پرڏيهي قرضن جي مجموعي ڳاڻيٽي ۾ اضافو ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان گذريل مهيني گڏيل عرب امارات جي 3.4 ارب ڊالرن جي ٻه طرفي ڊپازٽس واپس ڪيا هئا، جڏهن ته گڏ ئي اماراتي ڪمرشل بئنڪن کان به مالي مدد حاصل ڪئي، جيڪا باقيدارن جي ان نئين ڍانچي جي عڪاسي ڪري ٿي، جنهن کي حڪومت وڌيڪ باضابطا طور ڏيڻ چاهين ٿا. هن چيو ته حڪومت جي فوري ترجيح دفاعي خرچن ۽ وسيلن جي مناسب ورڇ آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان جون ٻه سرحدون هن وقت فعال نوعيت جي سلامتي جي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيون آهن. ڪرپٽو ڪرنسي، ٽوڪنائيزيشن ۽ ڊجيٽل اثاثن جي مٽاسٽا واري پليٽ فارمز جي حوالي سان ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت انهن شعبن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ کان اڳ ان لاءِ مناسب ضابطي سازي ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ متعارف ڪرائيندي. جڏهن اهو شعبو باضابطا ۽ منظم ٿي ويندو ته ان مان حاصل ٿيندڙ آمدني تي ٽيڪس لاڳو ڪري سگهبو. ڪنهن مرحلي تي اسان کي ان ٽيڪس نظام جي دائره ڪار ۾ آڻڻو پوندو، پر في الحال ايئن ڪرڻ لاءِ هي مناسب وقت ناهي.











