ناڻي واري وزير معاشي استحڪام، ترقي ۽ عوامي ڀلائي کي نظر ۾ رکندي متوازن بجيٽ پيش ڪئي: وفاقي وزير سردار محمد يوسف

اسلام آباد-16 جون (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي، ته ناڻي واري وزير معاشي استحڪام، ترقي ۽ عوامي ڀلائي کي نظر ۾ رکندي متوازن بجيٽ پيش ڪئي آهي، پاڪستان جي سمورن علائقن ۾ ترقي لاءِ ننڍا انتظامي يونٽ ٺاهيا وڃن، صوبائي حڪومت هزاره تي ڌيان نه ڏئي رهي آهي، جتي زلزلي متاثر انفراسٽرڪچر اڃا تائين بحال نه ٿي سگهيو آهي، صوبي ۾ صحت …

اسلام آباد-16 جون (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي، ته ناڻي واري وزير معاشي استحڪام، ترقي ۽ عوامي ڀلائي کي نظر ۾ رکندي متوازن بجيٽ پيش ڪئي آهي، پاڪستان جي سمورن علائقن ۾ ترقي لاءِ ننڍا انتظامي يونٽ ٺاهيا وڃن، صوبائي حڪومت هزاره تي ڌيان نه ڏئي رهي آهي، جتي زلزلي متاثر انفراسٽرڪچر اڃا تائين بحال نه ٿي سگهيو آهي، صوبي ۾ صحت ۽ تعليم جهڙن بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي، وفاق کان اين ايف سي ايوارڊ تحت ملندڙ فنڊز ۾ هزاره تي به ڌيان ڏنو وڃي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ سال 27-2026ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٽياڪڙي لاءِ وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير محسن نقوي کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا، پاڪستان جي ڪامياب سفارڪتاري سبب دنيا وڏي تباهي کان بچي وئي ۽ دنيا ۾ پاڪستان جو وقار بلند ٿيو. هن حج 2026ع جي ڪاميابي تي اسپيڪر ۽ ميمبرن پاران تعريف ڪرڻ تي سندس ٿوريو مڃيو ته حڪومت جي بهترين انتظامن سبب هن سال 4 ايوارڊ مليا آهن. هن چيو ته ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب مبارڪن جو مستحق آهي، هن معاشي استحڪام، ترقي ۽ ڀلائي کي نظر ۾ رکندي هڪ متوازن بجيٽ پيش ڪئي. هن چيو ته 2005ع جي زلزلي سبب بالاڪوٽ ۽ خاص طور تي مانسهره بري طرح متاثر ٿيو هو. ان کان اڳ به مانسهره جي اڻ پورن منصوبن جي حوالي سان ڪيترائي ڀيرا هتي معاملو اٿاريو، اڄ 21 سال ٿي ويا آهن، اڃا تائين زلزلي سبب تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جا منصوبا مڪمل نه ٿي سگهيا. پهرين وفاقي حڪومت ان جي ذميوار هئي جڏهن ته هاڻي اها بجيٽ صوبن کي منتقل ٿي چڪي آهي، ان تي تحريڪ انصاف جي هزاره جي ميمبر به هتي ڳالهايو آهي. تحريڪ انصاف جي صوبي ۾ حڪومت کي 14 سال ٿيا آهن، جڏهن ته بار بار خاطري ڪرائڻ باوجود زلزلي سبب متاثر بالاڪوٽ جي شهر ۾ اڄ به ماڻهو شيلٽرز ۾ رهيا پيا آهن، نيو بالاڪوٽ سٽي اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهيو، اتي تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جا ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا ويا هئا، جڏهن ته بعد ۾ ايندڙ حڪومتن ان تي ڌيان ناهي ڏنو. اتي اڃا تائين روڊ ناهن ٺهي سگهيا، 13 روڊ اهڙا آهن جن جي تعمير جو عوام پاران بار بار مطالبو ڪيو پيو وڃي ۽ انهن جي نشاندهي صوبائي حڪومت کان به اسان ڪندا رهيا آهيون. هن ايوان ۾ اهو معاملو اٿاريو ته پي ٽي آءِ جي هڪ ميمبر خاطري ڪرائي هئي ته هو وزيراعليٰ ڪي پي ڪي سان ڳالهائي آگاهه ڪندو، جڏهن ته ان تي ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي. انفراسٽرڪچر لاءِ ڪي به فنڊز نه رکڻ تي عوام ۾ ڳڻتي پکڙيل آهي. مذهبي معاملن واري وزير چيو ته صحت جي شعبي جي حالت به سٺي ناهي اهو شعبو صوبائي حڪومت جي دائره اختيار ۾ اچي ٿو، هزاره جي وڏين اسپتالن ۾ به دوائون نٿيون ملن، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ جتي غريب ماڻهو مجبوري سبب ويندا آهن، اتي به کين صحت جي ڪا به سهولت ميسر ناهي، تعليم جي حوالي سان به پنج لک جي آبادي لاءِ ڪو به ڪاليج ناهي. اين ايف سي ايوارڊ مان مناسب حصو به صوبن کي ملي رهيو آهي. تربيلا ڊيم جي رائلٽي به ملي رهي آهي جڏهن ته انهن علائقن جي حالت تسلي بخش ناهي، اتي نه روڊ، نه صحت جون سهولتون آهن ۽ ان جي ڪري به عوام ۾ مايوسي آهي. هن چيو ته ان جي ڪري هزاره جا ماڻهو الڳ صوبي جو مطالبو ڪري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته صوبائي حڪومت کين مايوس ڪيو آهي ۽ انهن ۾ احساس محرومي ڏٺي پئي وڃي. هن چيو ته صوبائي حڪمت صوبي ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊ ڪرائي، جڏهن ته چار سالن ۾ تعلقي ۽ وليج ڪائونسل جي چيئرمينن کي ڪي به ترقياتي فنڊز ناهن ڏنا ويا. تحريڪ انصاف جي اها دعويٰ آهي ته هو احتساب ڪندا آهن، جڏهن ته هنن پنهنجي صوبي ۾ بلدياتي چونڊ ڪرائي عوام کي ان جي ثمرن کان محروم رکيو آهي، جيڪڏهن چونڊيل نمائندن کي فنڊز ڏنا وڃن ته عوام جي ڪنهن حد تائين داد رسي ٿئي ها. هن چيو ته مانسهره شهر جي آبادي 3 لک جي ويجهو آهي جڏهن ته کين پيئڻ جو صاف پاڻي دستياب ناهي. پي ڊي ايم حڪومت ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ اسان جي حڪومت ان لاءِ هڪ منصوبي جي منظوري ڏني هئي، جنهن لاءِ سعودي عرب کي فنڊز فراهم ڪرڻا هئا، جڏهن ته ان تي اڃا تائين ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي، اهو 18 ملين گيلن جو منصوبو هو. هن چيو ته اسان پنهنجي تڪن ۾ قبرستانن لاءِ جيڪي فنڊز ورتا اهي به اڃا تائين روڪيا ويا آهن. وفاقي حڪومت کان اربين روپين جا فنڊز ورتا ويا، جڏهن ته اتي جي حالت اها آهي ته، زلزلي متاثرن لاءِ نيو بالاڪوٽ سٽي تي ڪم اڻپورو آهي، ان لاءِ ملندڙ فنڊز به ٻين منصوبن تي خرچ ڪيا ويا آهن، ان تي اتي جي ماڻهن احتجاج به ڪيا. ان ناانصافي جو ازالو ڪير ڪندو؟ هن چيو ته اڄ جيڪڏهن اهو مطالبو ڪيو پيو وڃي ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ هزاره جي ماڻهن کي به ان جو حق ڏنو وڃي ۽ ان ناانصافي جو حل اهو آهي ته ملڪ ۾ ننڍا يونٽ ٺاهيا وڃن ته جيئن ماڻهن کي سندن حق ملي سگهن ۽ هڪجهڙي ترقي ٿي سگهي. ان سان گڏوگڏ مقامي وسيلا به اتي ترقياتي منصوبن تي خرچ ڪري سگهبا، ان ۾ اسان جو مطالبو هزاره صوبي جو آهي، جنهن تي صوبائي اسيمبلي ۾ ٺهراءَ به پاس ڪيا ويا آهن، اميد آهي ته هي اسيمبلي ان مطالبي جي حمايت ڪندي. ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. هن مطالبو ڪيو ته رائلٽي مان هزاره کي حصو ڏنو وڃي، وفاقي حڪومت پاران ملندڙ فنڊز ۾ هزاره تي به ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن اسان جي علائقي جي ماڻهن جون بنيادي ضرورتون پوريون ٿي سگهن. 2005ع کان کنڊر رستن جي بهتري ٿي سگهي، 250 تباهه ٿيل اسڪول اڃا تائين ناهن ٺهي سگهيا. ان لاءِ هتان به فنڊز منتقل ٿيا آهن، جڏهن ته صوبائي حڪومت ان کان انڪاري آهي. هن چيو ته وفاقي بجيٽ ۾ عوام جي سهولتن لاءِ ٽيڪس ۾ مختلف شعبن ۾ ڇوٽ ڏني وئي آهي، ترقياتي منصوبن لاءِ به مناسب رقم رکي وئي آهي.