قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان بنگلاديش جي اعليٰ تعليمي شعبي سان تعلق رکندڙ وفد جي ملاقات

اسلام آباد -16 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ عوامي جمهوريه بنگلاديش جي اعليٰ تعليمي شعبي سان تعلق رکندڙ هڪ وفد سان ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب وفد جي آجيان ڪندي اسپيڪر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان بنگلاديش سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان پارلياماني رابطا، …

اسلام آباد -16 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ عوامي جمهوريه بنگلاديش جي اعليٰ تعليمي شعبي سان تعلق رکندڙ هڪ وفد سان ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب وفد جي آجيان ڪندي اسپيڪر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان بنگلاديش سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان پارلياماني رابطا، تعليمي تعاون ۽ عوامي سطح تي رابطن کي هٿي وٺائڻ ذريعي بنگلاديش سان پنهنجي گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. ملاقات دوران اسپيڪر قومي اسيمبلي جي ڪردار تي روشني وجهندي چيو ته هي پاڪستان ۾ نمائنده جمهوريت جو بنيادي ادارو آهي، جيڪو جمهوري طرز حڪمراني، شفافيت، شموليت ۽ قانون سازي جي عمل ۾ عوامي شرڪت کي هٿي ڏيڻ لاءِ مسلسل ڪوششن ۾ آهي. اسپيڪر پاڪستان ۽ بنگلاديش جي گڏيل پارلياماني ۽ آئيني تاريخ جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته هي گڏيل تاريخي تجربو ٻنهي ملڪن لاءِ غور ۽ فڪر ۽ سکڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي. هن گڏيل احترام، تعميري ڳالهين ۽ وڌندڙ تعاون تي ٻڌل مستقبل طرف اڳڀرائي جي اهميت تي زور ڀريو. اسپيڪر بنگلاديش سان ٻه طرفه لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ اداره جاتي مٽاسٽا، تعليمي شراڪتدارين ۽ پارلياماني تعاون کي هٿي وٺائڻ جي پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ان نوعيت جا رابطا گڏيل افهام تفهيم کي هٿي وٺائڻ ۽ علائقائي هم آهنگي کي مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. بنگلاديشي وفد جي ميمبرن شاندار استقبال ۽ ميزباني تي ٿورو مڃيندي پاڪستان جي جمهوري ادارن ۽ پارلياماني روايتن جي تعريف ڪئي. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعليمي ۽ پارلياماني رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته وڌندڙ تعاون گڏيل افهام تفهيم ۽ گڏيل ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪندو. وفد پاڪستان جي پارلياماني قيادت سان ملاقات جي موقعي جي تعريف ڪندي، ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته مسلسل ڳالهين، تعليمي تعاون ۽ عوامي سطح تي رابطا ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. ملاقات جي پڄاڻي تي ٻنهي طرفن کان ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته گڏيل مفادن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي ڀلائي لاءِ دوستاڻن لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي. ملاقات ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر به شرڪت ڪئي. بنگلاديش جي وفد قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ڪارروائي پڻ ڏٺي.