ڪشميرين جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ منهنجو حق آهي: مشعال ملڪ

اسلام آباد-16 جون (اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته مان، زندگي ان شخص سان جوڙي جنهن ڪشمير لاءِ پنهنجي آزادي قربان ڪري ڇڏي، ڪشميرين جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ منهنجو حق آهي، ياسين ملڪ جي قربانين تي سوال اٿارڻ وارن کي پهرين پنهنجو ڪردار ڏسڻ گهرجي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڪشميرين جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ منهنجو حق آهي، آئون …

اسلام آباد-16 جون (اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته مان، زندگي ان شخص سان جوڙي جنهن ڪشمير لاءِ پنهنجي آزادي قربان ڪري ڇڏي، ڪشميرين جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ منهنجو حق آهي، ياسين ملڪ جي قربانين تي سوال اٿارڻ وارن کي پهرين پنهنجو ڪردار ڏسڻ گهرجي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڪشميرين جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ منهنجو حق آهي، آئون نه اڳ ۾ خاموش هئس نه ئي هاڻي خاموش رهندس. معشال ملڪ چيو ته ڪشميرين کي معلوم آهي ته ڪير انهن سان گڏ بيٺل آهي ۽ ڪير صرف بيان بازي تائين محدود آهي، ڪشمير لاءِ قربانيون ڏيندڙن جي توهين ڪنهن صورت برداشت ناهي، مشعال ملڪ چيو ته جيڪڏهن ڪشمير جي حق جي ڳالهه ڪرڻ ڏوهه آهي ته مان اهو ڏوهه ڪندي رهندس.