اسلام آباد-16 جون (اي پي پي) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ امڪاني مفاهمتي اڳڀرائي کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ مسلسل گهٽتائي جو رجحان برقرار رهيو، جنهن سان توانائي جي عالمي منڊين ۾ سپلائي جي حوالي سان خدشن ۾ گهٽتائي ڏٺي پئي وڃي. اڱاري ڏينهن به ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي. آبنائي هرمز ذريعي تيل جي ترسيل جي امڪاني بحالي …
آمريڪا ايران ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي

مزید خبریں
اسلام آباد-16 جون (اي پي پي) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ امڪاني مفاهمتي اڳڀرائي کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ مسلسل گهٽتائي جو رجحان برقرار رهيو، جنهن سان توانائي جي عالمي منڊين ۾ سپلائي جي حوالي سان خدشن ۾ گهٽتائي ڏٺي پئي وڃي. اڱاري ڏينهن به ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي. آبنائي هرمز ذريعي تيل جي ترسيل جي امڪاني بحالي ۽ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي سبب سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ بهتري آئي آهي. لنڊن برينٽ ڪروڊ جي قيمت 43 سينٽس گهٽتائي کانپوءِ 82.74 ڊالر في بيرل تائين اچي وئي. جڏهن ته آمريڪي ڪچي تيل (ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ) جي قيمت 31 سينٽس گهٽجي 80.44 ڊالر في بيرل رڪارڊ ڪئي وئي. ساڳئي طرح گڏيل عرب امارات جي ڪچي تيل جي قيمت 5.79 ڊالر گهٽتائي کانپوءِ 77.23 ڊالر في بيرل تي اچي وئي. تازن ڏينهن ۾ عالمي سطح تي ڪچي تيل جي قيمتن ۾ مجموعي طور تي 6 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي ڏٺي وئي آهي.











