وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ 10 مهينن دوران 6.44 سيڪڙو جي واڌ

اسلام آباد-16 جون (اي پي پي) ملڪ ۾ وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي 10 مهينن دوران سالياني بنيادن تي 6.44 سيڪڙو جي واڌ ٿي آهي. قومي شماريات اداري طرفان جاري ماهوار رپورٽ مطابق جاري مالي سال جي شروعاتي 10 مهينن ۾ وڏين صنعتن جي پيداوار جي انڊيڪس 122.19 پوائنٽس رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ 6.44 سيڪڙو وڌيڪ …

اسلام آباد-16 جون (اي پي پي) ملڪ ۾ وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي 10 مهينن دوران سالياني بنيادن تي 6.44 سيڪڙو جي واڌ ٿي آهي. قومي شماريات اداري طرفان جاري ماهوار رپورٽ مطابق جاري مالي سال جي شروعاتي 10 مهينن ۾ وڏين صنعتن جي پيداوار جي انڊيڪس 122.19 پوائنٽس رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ 6.44 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي ۾ وڏين صنعتن جي پيداوار جي انڊيڪس 114.79 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو ويو هو. اپريل ۾ وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ ماهوار بنيادن تي 8.32 سيڪڙو گهٽتائي جڏهن ته گذريل سال اپريل جي ڀيٽ ۾ 6.06 سيڪڙو جو اضافو ڏسڻ ۾ آيو.