مدينه منوره ۾ پاڪستان حج مشن جو پوسٽ حج آپريشن سان جاري

مدينه منوره-16 جون (اي پي پي) ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان حج مشن عبدالوهاب سومرو جي خصوصي هدايتن تي مديني شريف ۾ حج پانڌيئڙن جي وطن واپسي ۽ مڪي شريف کان آمد جو ”پوسٽ حج آپريشن“ مثالي ٽيم ورڪ ۽ يڪجهتي سان ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جو معاون اسٽاف، خادم الحجاج ۽ سعودي عرب جو عملو رات ڏينهن حاجي سڳورن جي خدمت ۾ مصروف آهي، جنهن …

مدينه منوره-16 جون (اي پي پي) ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان حج مشن عبدالوهاب سومرو جي خصوصي هدايتن تي مديني شريف ۾ حج پانڌيئڙن جي وطن واپسي ۽ مڪي شريف کان آمد جو ”پوسٽ حج آپريشن“ مثالي ٽيم ورڪ ۽ يڪجهتي سان ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جو معاون اسٽاف، خادم الحجاج ۽ سعودي عرب جو عملو رات ڏينهن حاجي سڳورن جي خدمت ۾ مصروف آهي، جنهن جو مقصد ضيوف الرحمان کي مدينه منوره ۾ قيام دوران هر ممڪن آرام ۽ آسائش فراهم ڪرڻ آهي. ڊائريڪٽر حج مدينه منوره زاهد سهيل چيو ته خدمت تي مقرر عملي تي ٻڌل ٽيم فرنٽ لائن تي هڪ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جنهن ۾ مذهبي معاملن واري وزارت جو معاون اسٽاف، پاڪستان مان ميرٽ ۽ شفاف طريقي سان چونڊيل خادم الحجاج سان گڏوگڏ مديني جا مقامي خادم به شامل آهن. اهو مقامي عملو عربي ٻولي تي مڪمل عبور رکي ٿو ۽ اتي جي رستن، قانون ۽ اهم مقامن کان واقف آهي. ان گڏيل ٽيمن جي اڻٿڪ ڪوششن، لڳن ۽ بي لوث جذبي سبب حج کانپوءِ جي مرحلي جي سمورا انتظام انتهائي منظم انداز ۾ مڪمل ڪيا پيا وڃن.