اسلام آباد -16 جون (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان پاڪستان ۾ ازبڪستان جي سفير علي شير تختيوف ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفه لاڳاپن، ريلوي جي شعبي ۾ تعاون ۽ علائقائي رابطاڪاري کي هٿي وٺائڻ بابت معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ ريلوي جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو، …
ريلوي واري وفاقي وزير سان ازبڪ سفير جي ملاقات، ريلوي جي شعبي ۾ تعاون ۽ علائقائي رابطاڪاري کي هٿي وٺائڻ وارن معاملن تي ڳالهيون

مزید خبریں
اسلام آباد -16 جون (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان پاڪستان ۾ ازبڪستان جي سفير علي شير تختيوف ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفه لاڳاپن، ريلوي جي شعبي ۾ تعاون ۽ علائقائي رابطاڪاري کي هٿي وٺائڻ بابت معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ ريلوي جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو، جڏهن ته ريلوي انفراسٽرڪچر، فريٽ آپريشنز، لاجسٽڪس ۽ فني مهارت جي مٽاسٽا وارن شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. وفاقي وزير ان موقعي تي چيو ته ازبڪستان، افغانستان، پاڪستان (يو اي پي) ريلوي ڪوريڊور علائقائي واپار، اقتصادي رابطن ۽ رابطاڪاري کي هٿي وٺائڻ ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته هي منصوبو وچ ايشيائي ملڪن کي پاڪستاني بندرگاهن سان ڳنڍڻ جو هڪ تاريخي قدم آهي، جنهن سان خطي ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سرگرمين کي نئين جدت ملندي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان يو اي پي ريلوي ڪوريڊور جي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ان منصوبي جي ڪاميابي لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا ويندا. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ازبڪستان سان پنهنجي ڀائراڻن ۽ پراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي ريلوي ادارن وچ ۾ رابطا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ سان علائقائي رابطاڪاري، اقتصادي ترقي ۽ گڏيل خوشحالي جا نوان امڪان پيدا ٿيندا. ملاقات دوران ازبڪستان جي سفير علي شير تختيوف ريلوي سميت مختلف شعبن ۾ پاڪستان سان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجوده دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











