لاهور -16 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جماعت اسلامي جي مرڪز منصوره جو دورو ڪيو، جتي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي، معاشي ۽ امن امان جي صورتحال سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. گهرو وزارت جي ترجمان موجب ملاقات دوران ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تازي مفاهمت کان پوءِ …
وفاقي گهرو وزير جو منصوره جو دورو، جماعت اسلامي جي امير سان ملاقات ۾ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهيون

مزید خبریں
لاهور -16 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جماعت اسلامي جي مرڪز منصوره جو دورو ڪيو، جتي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي، معاشي ۽ امن امان جي صورتحال سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. گهرو وزارت جي ترجمان موجب ملاقات دوران ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تازي مفاهمت کان پوءِ خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خاص ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن ان مفاهمت کي خطي جي استحڪام ۽ پائيدار امن لاءِ انتهائي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو. گهرو وزير ايران آمريڪا ڳالهين جي ڪاميابي ۽ ان سلسلي ۾ پاڪستان حڪومت پاران ڪيل بيڪ ڊور قدمن تي جماعت اسلامي جي امير کي اعتماد ۾ ورتو. وفاقي وزير چيو ته خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي جو ڪريڊٽ پاڪستان ڏانهن وڃي ٿو، اسان الله تعاليٰ جا شڪر گذار آهيون جنهن اسان جون ڪوششون قبول فرمايون. هن چيو ته ان تاريخي امن مشن لاءِ وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل ناقابل فراموش ڪردار ادا ڪيو آهي. جماعت اسلامي جي امير ان تاريخي ڪاميابي تي پاڪستان جي مخلصاڻي ۽ سفارتي ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته ايران آمريڪا مفاهمت جي حوالي سان پاڪستان جي تاريخي ڪردار کي هميشه ياد رکيو ويندو. ان سان پوري خطي ۾ پائيدار امن جي راهه هموار ٿي آهي. ملاقات دوران جماعت اسلامي جي امير صوماليه ۾ ڦاٿل پاڪستاني شهرين جي سنگين معاملي کي به گهرو وزير سامهون اٿاريو. هن مطالبو ڪيو ته حڪومت صوماليه ۾ ڦاٿل پنهنجي پاڪستانين جي فوري، حفاظت ۽ باوقار آزادي لاءِ پنهنجو اثرائتو ڪردار ۽ سمورا وسيلا ڪتب آڻي. جنهن تي گهرو وزير مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ملڪي معيشت جي بهتري ۽ پيڙهيل طبقن کي فوري رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ٺوس قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.











