اسلام آباد -16 جون (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته صوماليه ۾ 10 يرغمال پاڪستانين جي آزادي کان حڪومت غافل ناهي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ عبدالقادر پٽيل پاران اٿاريل معاملي تي هن ايوان کي ٻڌايو ته جڏهن پهريون ڀيرو اهو معاملو ايوان ۾ اٿاريو ويو هو ته ان ڏينهن نائب وزيراعظم سان رابطو ڪيو ويو هو. نائب وزيراعظم ۽ …
حڪومت صوماليه ۾ 10 يرغمال پاڪستانين جي آزادي کان غافل ناهي: قانون وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد -16 جون (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته صوماليه ۾ 10 يرغمال پاڪستانين جي آزادي کان حڪومت غافل ناهي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ عبدالقادر پٽيل پاران اٿاريل معاملي تي هن ايوان کي ٻڌايو ته جڏهن پهريون ڀيرو اهو معاملو ايوان ۾ اٿاريو ويو هو ته ان ڏينهن نائب وزيراعظم سان رابطو ڪيو ويو هو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار صوماليه جي پنهنجي هم منصب سان رابطو ڪيو هو. هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري جو صوماليه بابت اختيارين سان مسلسل رابطو آهي، جبوتي جو مشن پڻ اهو معاملو ڏسي رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته يرغمالي اسان جا شهري آهن ۽ حڪومت ان کان غافل ناهي.











