مدينه منوره-04 جون (اي پي پي) بين المذاهب هم آهنگي ۽ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته پاڪستان حج 2026ع ۾ پنهنجي هڪ لک 80 هزار ڪوٽا 100 سيڪڙو استعمال ڪيو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي بهترين ڪارڪردگي ۽ پرائيويٽ سيڪٽر جي مؤثر نگرانيءَ عيوض پاڪستان کي سعودي عرب طرفان لبيتم سميت 4 ايوارڊ حاصل ڪيا. حڪومت سان گڏوگڏ پرائيويٽ سيڪٽر به پاڪستاني حج …
پاڪستاني حج ڪوٽا 100 سيڪڙو استعمال ٿيو، وزارت بهترين ڪارڪردگي، پرائيويٽ سيڪٽر جي سخت مانيٽرنگ عيوض 4 عالمي ايوارڊ حاصل ڪيا: سردار محمد يوسف

مزید خبریں
مدينه منوره-04 جون (اي پي پي) بين المذاهب هم آهنگي ۽ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته پاڪستان حج 2026ع ۾ پنهنجي هڪ لک 80 هزار ڪوٽا 100 سيڪڙو استعمال ڪيو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي بهترين ڪارڪردگي ۽ پرائيويٽ سيڪٽر جي مؤثر نگرانيءَ عيوض پاڪستان کي سعودي عرب طرفان لبيتم سميت 4 ايوارڊ حاصل ڪيا. حڪومت سان گڏوگڏ پرائيويٽ سيڪٽر به پاڪستاني حج پانڌيئڙن کي مثالي سهولتون فراهم ڪيون. هو مديني منوره ۾ پاڪستان حج مشن جي ايم سي او جي دؤري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو.ڊائريڪٽر حج مدينه منوره زاهد سهيل مذهبي معاملن واري وفاقي وزير کي پاڪستان حج مشن ۾ قائم مرڪزي ڪلينڪ جي سمورن شعبن ايم سي او ۾ قائم شڪايتي سيل، ارلي ڊپارچر سيل، لاسٽ اينڊ فائونڊ سيل، ڊجيٽل انڊيڪشن سيل، آءِ ٽي سيل سميت سمورن شعبن جو معائنو ڪرايو. ڊائريڪٽر زاهد سهيل وفاقي وزير کي مدينه فري حج ۽ پوسٽ حج انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير ٻُڌايو ته هلندڙ سال 14 اپريل کان شروع ٿيل پري حج آپريشن جي پهرئين مرحلي ۾ 46945 حاجي پانڌيئڙن مدينه منوره لينڊ ڪيو جتي ڊجيٽل مانيٽرنگ ۽ مربوط حڪمت عمليءَ ذريعي 100 سيڪڙو حجاج کي رياض الجنة جي زيارت ڪرائي وئي. هن چيو ته مدينه منوره آيل سمورن حاجي پانڌيئڙن کي مسجد نبوي ويجهو مرڪزيه جي هوٽلن ۾ رهايو ويو ته جيئن بزرگ ۽ بيمار پانڌيئڙن کي اچ وڃ ۾ ڪا پريشاني نه ٿئي. وفاقي وزير ڊائريڪٽر زاهد سهيل طرفان پيش ڪيل بريفنگ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته منهنجون حاجي پانڌيئڙن سان سڌيءَ ريت ملاقاتن دوران به انتظامن تي انتهائي مثبت ردِعمل سامهون آيو. ڊائريڪٽر مدينه جي سربراهيءَ ۾ ٽيم اڻٿڪ محنت ڪئي آهي، پوري ٽيم کي شاباس ڏيان ٿو ۽ کين ساراهي سرٽيفڪيٽن سان به نوازيو ويندو. هن واضح ڪيو ته پاڪستان ۾ ملندڙ حج ٽريننگ ۽ ٻي معلومات جو حج پانڌيئڙن کي سعودي عرب ۾ تمام گهڻو فائدو ٿيو ۽ نظم و ضبط برقرار رهيو. پوسٽ حج جي نئين مرحلي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير ٻُڌايو ته هن وقت تائين مڪه مڪرمه کان مدينه منوره آيل 72271 حاجي پانڌيئڙن جي ٻن وڏن مشنن جي شروعات ٿي چڪي آهي. هن وقت تائين 5 هزار کان وڌيڪ حاجي مدينه منوره پهچي چڪا آهن جتي انهن جي روضي پاڪ تي حاضري ۽ رياض الجنة ۾ عبادتن جا انتظام شروع ڪيا ويا آهن. هن زور ڀريندي چيو ته مدينه منوره ۾ قيام کانپوءِ حاجين لاءِ سڌيءَ ريت پاڪستان واپسي جو شيڊول به فائنل ڪيو ويو آهي ۽ اسان جي سڄي ٽيم هن وقت فيلڊ ۾ موجود آهي ته جيئن واپسيءَ جو سفر انتهائي آرام وارو ۽ گهٽ کان گهٽ وقت ۾ مڪمل ٿئي.











