سپريم ڪورٽ: نور مقدم قتل ڪيس ۾ ڏوهاري ظاهر جعفر جي موت واري سزا خلاف داخل نظرثاني درخواست رد، ماتحت عدالتن جا فيصلا برقرار

اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) سپريم ڪورٽ نور مقدم قتل ڪيس ۾ مرڪزي ڏوهاري ظاهر جعفر جي موت واري سزا خلاف داخل نظرثاني درخواست رد ڪندي ماتحت عدالتن جا فيصلا برقرار رکيا آهن.  جسٽس هاشم ڪاڪڙ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ خميس تي مختصر فيصلو ٻُڌائيندي قرار ڏنو ته ڏوهاريءَ طرفان پيش ڪيل دليل ڪنهن به طور تي پهرين ڏنل حتمي عدالتي فيصلن ۾ مداخلت جو جواز نٿا …

اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) سپريم ڪورٽ نور مقدم قتل ڪيس ۾ مرڪزي ڏوهاري ظاهر جعفر جي موت واري سزا خلاف داخل نظرثاني درخواست رد ڪندي ماتحت عدالتن جا فيصلا برقرار رکيا آهن.  جسٽس هاشم ڪاڪڙ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ خميس تي مختصر فيصلو ٻُڌائيندي قرار ڏنو ته ڏوهاريءَ طرفان پيش ڪيل دليل ڪنهن به طور تي پهرين ڏنل حتمي عدالتي فيصلن ۾ مداخلت جو جواز نٿا بڻجن. ٻُڌڻيءَ دوران ڏوهاري جي وڪيل خواجه حارث مؤقف اختيار ڪيو ته واقعي واري هنڌ سندس مؤڪل جي ذهني حالت صحيح نه هئي، هو مختلف نفسياتي مرضن جي علاج ۾ هو، جڏهن ته عدالت ان مؤقف تي سخت سوال اُٿاريا. عدالت ريمارڪس ڏنا ته ذهني بيماريءَ جي دعويٰ لاءِ ٺوس ميڊيڪل رڪارڊ، علاج جي تاريخ ۽ واضح شاهديون گهربل هونديون آهن جيڪي تسلي جوڳي انداز ۾ پيش نه ڪيون ويون. بينچ وڌيڪ قرار ڏنو ته پيش ڪيل دستاويز ۽ پرڏيهه مان لاڳاپيل ميڊيڪل خط سميت ٻيون شاهديون به قانوني معيار موجب تسلسل ۽ قابل اعتماد بنياد موجود ناهن. بعد ۾ عدالت نظرثاني جي درخواست رد ڪندي موت واري سزا برقرار رکي. واضح رهي ته مرڪزي ڏوهاري ظاهر جعفر کي اسلام آباد جي عدالت موت جي سزا ٻُڌائي هئي، جنهن کي اڳ به اعليٰ عدليه ۾ چئلينج ڪيو ويو هو.

مزید خبریں