هيپاٽائيٽس سي پروگرام قومي صحت جي حوالي سان انتهائي اهميت رکي ٿو: سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ وزيراعظم جي هيپاٽائيٽس سي پروگرام جو اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس دوران پروگرام ڊائريڪٽر اسلام آباد ۾ هيپاٽائيٽس سي جي اسڪريننگ مهم جي اڳڀرائيءَ تي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ هن وقت تائين حاصل ٿيل نتيجن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم هيپاٽائيٽس سي پروگرام قومي صحت جي حوالي سان …

اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ وزيراعظم جي هيپاٽائيٽس سي پروگرام جو اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس دوران پروگرام ڊائريڪٽر اسلام آباد ۾ هيپاٽائيٽس سي جي اسڪريننگ مهم جي اڳڀرائيءَ تي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ هن وقت تائين حاصل ٿيل نتيجن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم هيپاٽائيٽس سي پروگرام قومي صحت جي حوالي سان انتهائي اهميت رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس سي جي مريضن جو انگ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي ان بيماريءَ جو خاتمو قومي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي لاءِ مصر جي ڪامياب ماڊل کي اختيار ڪيو آهي ۽ مصر وانگر پاڪستان کي به هيپاٽائيٽس سي فري ملڪ بنائڻ اسان جو هدف آهي. هن سمورن لاڳاپيل ادارن جي سربراهن کي هدايت ڪئي ته اهي بيماريءَ جي خاتمي لاءِ اثرائتو ۽ مضبوط قدمن کي يقيني بڻائين. مصطفيٰ ڪمال چيو ته هيپاٽائيٽس سي خلاف جنگ ۾ سمورن ادارن جو گڏيل ۽ منظم ڪردار اڻٽر آهي. هي صرف هڪ صحت پروگرام ناهي پر قوم جي مستقبل کي متحفوظ بنائڻ لاءِ هڪ جامع مهم آهي. هن زور ڀريو ته سمورا ادارا گڏيل تعاون ۽ گڏيل حڪمت عملي تحت ڪم ڪن ته جيئن گهربل نتيجا حاصل ڪري سگهجن. وفاقي وزير عوامي آگاهي مهم کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته وڌ کان وڌ ماڻهن جي اسڪريننگ لاءِ شعور بيدار ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته هيپاٽائيٽس سي جي ڪيريئرز جي وقت سر نشاندهي ۽ فوري علاج ذريعي بيماريءَ کي پکڙجڻ سان مؤثر انداز ۾ روڪي سگهجي ٿو. هن عوام کي اپيل ڪئي ته اسلام آباد ۾ قائم 15 چونڊ صحت مرڪزن سان هيپاٽائيٽس سي جا مفت ٽيسٽ ڪرائين. هن چيو ته هر شهريءَ جي ذميداري آهي ته هو پنهنجا ٽيسٽ ڪرائين ۽ـ پنهنجي ڪٽنبن، دوستن ۽ معاشري جي ٻين ماڻهن کي به ان جي ترغيب ڏين ته جيئن پاڪستان کي هيپاٽائيٽس سي کان پاڪ بنائڻ جي قومي هدف کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.

مزید خبریں