اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گهٽ ترقي يافته علائقن جي ترقي ۽ خوشحالي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار قبائلي علائقن جي معاملن بابت خاص معاون مبارڪ زيب سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب خاص معاون مبارڪ زيب ضلعي باجوڙ جي تعليمي ادارن جي لاءِ پنج …
گهٽ ترقي يافته علائقن جي ترقي ۽ خوشحالي حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم شهباز شريف جي قبائلي علائقن جي معاملن بابت خاص معاون مبارڪ زيب سان ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گهٽ ترقي يافته علائقن جي ترقي ۽ خوشحالي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار قبائلي علائقن جي معاملن بابت خاص معاون مبارڪ زيب سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب خاص معاون مبارڪ زيب ضلعي باجوڙ جي تعليمي ادارن جي لاءِ پنج بسن جي فراهمي تي وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا. وزيراعظم جي هدايت تي وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت انهن بسن جو انتظام ڪيو آهي جيڪي قبائلي علائقن جي معاملن بابت خاص معاون جي حوالي ڪيون ويون آهن. ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪ جي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.










