چين جو ٿين چو 10 – ڪارگو خلائي جهاز ڪاميابي سان لانچ

بيجنگ- 11 مئي (اي پي پي) چين ٿين چو 10 - ڪارگو خلائي جهاز ڪاميابي سان لانچ ڪري ڇڏيو . پرڏيهي ميڊيا مطابق چائنه مينڊ اسپيس انجنيئرنگ آفيس ٻڌايو آهي ته بيجنگ جي وقت مطابق 11 مئي تي صبح جو 8 لڳي 14 منٽن تي، ٿين چو 10 - ڪارگو خلائي جهاز کي کڻي ويندڙ لانگ مارچ -7 يا 11 ڪيريئر راڪيٽ کي چين جي وين ڇانگ اسپيس لانچ سائيٽ …

بيجنگ- 11 مئي (اي پي پي) چين ٿين چو 10 – ڪارگو خلائي جهاز ڪاميابي سان لانچ ڪري ڇڏيو . پرڏيهي ميڊيا مطابق چائنه مينڊ اسپيس انجنيئرنگ آفيس ٻڌايو آهي ته بيجنگ جي وقت مطابق 11 مئي تي صبح جو 8 لڳي 14 منٽن تي، ٿين چو 10 – ڪارگو خلائي جهاز کي کڻي ويندڙ لانگ مارچ -7 يا 11 ڪيريئر راڪيٽ کي چين جي وين ڇانگ اسپيس لانچ سائيٽ تان لانچ ڪيو ويو. جيڪو اٽڪل 10 منٽن بعد ٿين چو 10 – ڪارگو خلائي جهاز ڪاميابي سان راڪٽ کان الڳ ٿيو ۽ پهريان کان طئي ٿيل پنهنجي مدار ۾ داخل ٿي ويو ۽ ان بعد خلائي جهاز جو شمسي پينل آساني سان کلي ويو . اهو لانچ مشن مڪمل طور تي ڪامياب رهيو . ٻڌايو ويو آهي ته بعد ٿين چو 10 – ڪارگو خلائي جهاز جي ڊاڪنگ جو عمل مدار ۾ پهريان کان موجود خلائي اسٽيشن ڪامپليڪس سان گڏ هوندو.

مزید خبریں