چانگشا - 27 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پروفيسر پان شيانگ بن کي پاڪستان ۾ دل جي مرض جي لاءِ سندس خدمتن تي ستاره پاڪستان عطا ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ڪالهه سومر ڏينهن منعقد هڪ خصوصي تقريب ۾ پروفيسر پان شيانگ بن کي دل جي مرض جي علاج ۽ پاڪستان ۾ مريضن جي خدمتن جي شعبي ۾ …
صدر آصف علي زرداري پاران پروفيسر پان شيانگ بن کي پاڪستان ۾ دل جي مرض جي لاءِ سندس خدمتن تي ستاره پاڪستان عطا

مزید خبریں
چانگشا – 27 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پروفيسر پان شيانگ بن کي پاڪستان ۾ دل جي مرض جي لاءِ سندس خدمتن تي ستاره پاڪستان عطا ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ڪالهه سومر ڏينهن منعقد هڪ خصوصي تقريب ۾ پروفيسر پان شيانگ بن کي دل جي مرض جي علاج ۽ پاڪستان ۾ مريضن جي خدمتن جي شعبي ۾ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ ستاره پاڪستان عطا ڪيو. پروفيسر پان شيانگ بن هڪ عالمي شهرت يافته ڪارڊيالوجسٽ ۽ ڪارڊيڪ سرجن آهي. هو فيووئي اسپتال جو نائب صدر، چائنيز اڪيڊمي آف ميڊيڪل سائنسز سان واڳيل آهي جڏهن ته اسٽرڪچرل هارٽ ڊيزيز جي قومي ۽ عالمي ڪوالٽي ڪنٽرول سينٽر جو ڊائريڪٽر پڻ آهي. هو عالمي شهرت يافته ماهر آهي ۽ جديد تشخيصي ۽ علاجي ٽيڪنالاجي جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري چڪو آهي. سندس نالي سان ڪيتريُون ئي عالمي سطح جون ايجادون ۽ پيٽنٽ شده طبي حل موجود آهن جن ۾ الٽراسائونڊ جي رهنمائي ۾ اهڙو علاج جو طريقو آهي جنهن جي ذريعي بنا سرجري، بنا تابڪاري اثرن ۽ بنا جنرل اينسٿيز يا علاج ممڪن بڻايو ويو. پروفيسر پان شيانگ بن جنوري 2025ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو جتي هن پنهنجي ٽيم سان گڏ پيدائشي دل جي مرض ۾ ورتل ٻارن جي جان بچائيندڙ ڪامياب علاج ڪيا جڏهن ته پاڪستاني طبي ماهرن کي جديد انٽرنيشنل ٽيڪنيڪن جي خصوصي تربيت پڻ فراهم ڪئي. صدر آصف علي زرداري جيڪو چين جي پنجن ڏينهن جي دوري تي آهي، چيو ته سندس خدمتن سان پاڪستان جي صحت جي شعبي جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ اهو پاڪستان چين تعاون جي عملي ثمرن جي عڪاسي ڪري ٿو. هن پروقار تقريب ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا، سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، علي حسن بروهي، سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي لاءِ سنڌ جي وڏي وزير جي خاص معاون سيد قاسم نويد قمر، پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زايڊونگ ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي پڻ شرڪت ڪئي.











