آمريڪا سيڪيورٽي معاهدي کانپوءِ گرين لينڊ ۾ فوج جي مقرري ۾ واڌ ڪندو

نيويارڪ -22 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا ڊينمارڪ ۽ خودمختيار آرڪٽڪ علائقي سان سيڪورٽي معاهدي تحت گرين لينڊ ۾ ٻن اضافي هنڌن تي فوج جي موجودگي بحال ڪندو ۽ نوان ٺڪاڻا پڻ قائم ڪندو . پرڏيهي ميڊيا موجب اميد آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، ڊينمارڪ جو وزيراعظم ۽ گرين لينڊ جو وزيراعظم جنرل اسمبلي جي اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي صدر جي موجودگي ۾ معاهدي …

نيويارڪ -22 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا ڊينمارڪ ۽ خودمختيار آرڪٽڪ علائقي سان سيڪورٽي معاهدي تحت گرين لينڊ ۾ ٻن اضافي هنڌن تي فوج جي موجودگي بحال ڪندو ۽ نوان ٺڪاڻا پڻ قائم ڪندو . پرڏيهي ميڊيا موجب اميد آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، ڊينمارڪ جو وزيراعظم ۽ گرين لينڊ جو وزيراعظم جنرل اسمبلي جي اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي صدر جي موجودگي ۾ معاهدي تي صحيحون ڪندا. آمريڪا 1951 ع جي دفاعي معاهدي ۾ 2004 ع ۾ ترميم ڪئي هئي جنهن تحت  اڳ ئي گرين لينڊ ۾ وسيع پيماني تي فوجي رسائي حاصل آهي. سرد جنگ دوران گرين لينڊ ۾ آمريڪا جا 17 ٺڪاڻا فعال هيا ۽ اتي 10 هزار کان به وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويا هيا جڏهن ته هن وقت گرين لينڊ ۾ آمريڪا جي موجودگي محدود آهي جتي 150 آمريڪي فوجي اهلڪار مقرر آهن .