ملڪ جي 115 چونڊ ضلعن ۾ پوليو جي خاتمي جي خصوصي مهم جي ٻي ڏينهن 3 ڪروڙ 10 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جي بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر

اسلام آباد - 22 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر مطابق ملڪ جي 115 چونڊ ضلعن ۾ پوليو جي خاتمي واري خصوصي مهم اڄ ٻي ڏينهن به جاري رهي. مهم 21 کان 27 سيپٽمبر 2026ع تائين جاري رهندي، جنهن دوران پنجن سالن تائين جي عمر جي 3 ڪروڙ 10 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. اين اي …

اسلام آباد – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر مطابق ملڪ جي 115 چونڊ ضلعن ۾ پوليو جي خاتمي واري خصوصي مهم اڄ ٻي ڏينهن به جاري رهي. مهم 21 کان 27 سيپٽمبر 2026ع تائين جاري رهندي، جنهن دوران پنجن سالن تائين جي عمر جي 3 ڪروڙ 10 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. اين اي او سي مطابق مهم جي پهرين ڏينهن اٽڪل 83 لک 25 هزار ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويا جڏهن ته 2 لک 73 هزار کان وڌيڪ پوليو ورڪرز گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو کان محفوظ بڻائڻ لاءِ خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن. پهرين ڏينهن صوبائي ۽ علائقائي سطح تي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ جي تفصيل مطابق پنجاب ۾ 10 چونڊ ضلعن ۾ 23 لک 45 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي ڦڙا پياريا ويا. سنڌ جي 30 ضولعن ۾ 30 لک 7 هزار ٻارن جي ويڪسينيشن مڪمل ڪئي وئي. خيبر پختونخوا جي 37 ضلعن ۾ اٽڪل 21 لک 86 هزار ٻارن کي ڦڙا پياريا ويا. بلوچستان جي 30 ضلعن ۾ 5 لک 94 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويا. اسلام آباد ۾ هڪ لک 51 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي ڦڙا پياريا ويا. جڏهن ته گلگت بلتستان جي 2 ضلعن ۾ 41 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويا. ياد رهي ته پوليو ٽيمن سان رابطي يا مهم بابت ڄاڻ لاءِ 1166 تي ڪال ڪري سگهجي ٿي جڏهن ته 03467776546 تي واٽس ايپ ذريعي به پيغام موڪلي سگهجي ٿو.

مزید خبریں