اسلام آباد - 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ساران تنگي بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي دوران فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 6 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سيڪيورٽي فورسز بهادري ۽ پيشيواراڻي مهارت جي ذريعي دهشتگردن جي ڪڌي ارادن کي …
وزيراعظم پاران بلوچستان ۾ فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 6 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ساران تنگي بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي دوران فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 6 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سيڪيورٽي فورسز بهادري ۽ پيشيواراڻي مهارت جي ذريعي دهشتگردن جي ڪڌي ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. هن چيو ته ملڪ مان دهشڊتگردي جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن شعبان 2 جاري رهندو، پاڪستان جي امن، سلامتي ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش کي پوري قوت سان ناڪام بڻايو ويندو ۽ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪارروايون جاري رهنديون. وزيراعظم چيو ته قوم پنهنجي بهادر جوانن سان گڏ بيٺل آهي.










