سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير پاران ڪورنگي فشريز هاربر اٿارٽي ۾ 100 ايڪڙن تي ٻڌل ميري ڪلچر انويسٽمينٽ اينڊ ڊولپمينٽ اسٽيٽ قائم ڪرڻ جو منصوبو پيش

اسلام آباد - 22 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري ڪورنگي فشريز هاربر اٿارٽي ۾ 100 ايڪڙن تي ٻڌل ميري ڪلچر انويسٽمينٽ اينڊ ڊولپمينٽ اسٽيٽ قائم ڪرڻ جو منصوبو پيش ڪيو آهي. وزارت پاران جاري پريس پڌرائي موجب تجويز ڪيل منصوبي تي بريفنگ دوران وفاقي وزير چيو ته ان اسٽيٽ ۾ ميري ڪلچر ۽ ايڪوا ڪلچر سان گڏ هيچري، تحقيق ۽ جدت، پروسيسنگ، …

اسلام آباد – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري ڪورنگي فشريز هاربر اٿارٽي ۾ 100 ايڪڙن تي ٻڌل ميري ڪلچر انويسٽمينٽ اينڊ ڊولپمينٽ اسٽيٽ قائم ڪرڻ جو منصوبو پيش ڪيو آهي. وزارت پاران جاري پريس پڌرائي موجب تجويز ڪيل منصوبي تي بريفنگ دوران وفاقي وزير چيو ته ان اسٽيٽ ۾ ميري ڪلچر ۽ ايڪوا ڪلچر سان گڏ هيچري، تحقيق ۽ جدت، پروسيسنگ، ويليو ايڊيشن، ڪول چين ۽ واپاري سهولتن کي هڪ مربوط ترقياتي فريم ورڪ تحت قائم ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته ماسٽر پلان تحت اسٽيٽ کي چئن وڏين زونز ۾ ورهايو ويندو جن ۾ 30 ايڪڙن تي مير ي ڪلچر  زون، 20 ايڪڙن تي هيچري زون،  20 ايڪڙن تي ايڪوا ريسرچ پارڪ ۽ 20 ايڪڙن تي ڪمرشل ڊسٽرڪٽ شامل هوندا. وفاقي وزير چيو ته جديد ميري ڪلچر نظام جي ترقي سان پاڪستان کي وڌيڪ ماليت رکندڙ ماهيگيري جي پيداوار وڌائڻ، آبي جيوت جي ٻج جي پيداوار بهتر بڻائڻ، ويليو ايڊيشن ۽ روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. هن چيو ته هيچري زون ۾ جديد آبي ٻج جي پيداوار جڏهن ته ريسرچ پار  ۾ تحقيق، جدت ۽ تربيت جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. تجويز ڪيل اسٽيٽ ۾ پروسيسنگ ۽ ڪولڊ چين انفراسٽرڪچر کان علاوه واپاري ۽ رهائشي سهولتون، پائيدار بنيادي ڍانچو ۽ گرين اسپيسز به شامل هوندا.  منصوبي جي بنيادي ڍانچي ۾ اندروني رستن جو نيٽ ورڪ، بجلي ۽ تجديد جوڳي توانائي جي سهولت، پاڻي جي فراهمي ۽ ٽريٽمينٽ، گندي پاڻي جي صفائي، انفارميشن ۽ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي، سمارٽ اسٽيٽ مينيجمينٽ، سيڪيورٽي ۽ نگراني، گرين بيلٽس ۽ لينڊ اسڪيپنگ شامل آهن. وفاقي وزير چيو ته انهن قدمن جو مقصد سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ، روانگي واپار ۾ اضافو، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ٽيڪنالاجي ۽ جدت کي هٿي وٺائڻ آهي. جيڪو ملڪ جي بليو اڪانامي کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو تهپ ائيدار بليو اڪانامي جي قيام ۽ سامونڊي آبادين لاءِ نوان معاشي موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ جديد سامونڊي انفراسٽرڪچر ۽ ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري ضروري آهي.

مزید خبریں