ايس آءِ ايف سي جو ڊجيٽل نظام، سيڙپڪاري سهولت ۾ نئين اڳڀرائي

اسلام آباد - 22 سيپٽمبر (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل) ايس آءِ ايف سي) سيڙپڪارن کي وڌيڪ اثرائتي، مربوط ۽ آسان سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ٽڪٽنگ حب ذريعي سيڙپڪاري سهولتڪاري جي عمل کي ڊجيٽل بنائڻ طرف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. ايس آءِ ايف سي پاران جاري بيان موجب ٽڪٽنگ حب هڪ مرڪزي ڊجيٽل پليٽ فارم آهي جنهن ذريعي سيڙپڪار پنهنجا سوال ۽ درخواستون داخل ڪرائي سگهن ٿا ۽ ان …

اسلام آباد – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل) ايس آءِ ايف سي) سيڙپڪارن کي وڌيڪ اثرائتي، مربوط ۽ آسان سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ٽڪٽنگ حب ذريعي سيڙپڪاري سهولتڪاري جي عمل کي ڊجيٽل بنائڻ طرف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. ايس آءِ ايف سي پاران جاري بيان موجب ٽڪٽنگ حب هڪ مرڪزي ڊجيٽل پليٽ فارم آهي جنهن ذريعي سيڙپڪار پنهنجا سوال ۽ درخواستون داخل ڪرائي سگهن ٿا ۽ ان جي اڳڀرائي جو جائزو وٺي سگهن ٿا ۽ لاڳاپيل معاملن جي صورتحال کان باخبر رهي سگهن ٿا.  هي نظام سيڙپڪاري بابت درخواستن جي منظم وصولي، لاڳاپيل ادارن تائين رسد ۽ اثرائتي پيروي ۾ مدد فراهم ڪري ٿو. ايس آءِ ايف سي جي ان ڊجيٽل نظام ذريعي سيڙپڪارن ۽ لاڳاپيل حڪومتي ادارن  وچ ۾ رابطاڪاري کي وڌيڪ منظم بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. درخواستن کي هڪ مربوط طريقيڪار تحت اڳيان وڌائڻ سان مختلف مرحلن تي معاملن جي نگراني ۽ پيروي ۾ سهولت حاصل ٿيندي آهي. ٽڪٽنگ حب ايس آءِ ايف سي جي سيڙپڪار دوست سهولتڪاري جي وسيع نظام جو حصو آهي. جنهن جو مقصد سيڙپڪارن لاءِ حڪومتي ادارن سان رابطي جي عمل کي آسان بڻائڻ ۽ سيڙپڪاري بابت درخواستن کي اثرائتي انداز ۾ لاڳاپيل فورمز تائين پهچائڻ آهي. ڊجيٽل پليٽ فارم ذريعي درخواستن جي اڳڀرائي کي منظم انداز ۾ مانيٽر ڪرڻ جي سهولت سيڙپڪارن کي پنهنجي معاملن جي صورتحال کان آگاهه رهڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. جڏهن ته لاڳاپيل ادارن وچ ۾ رابطاڪاري کي به بهتر بڻائي ٿي. ايس آءِ ايف سي ٽيڪنالاجي جي اثرائتي استعمال ذريعي سيڙپاڪاري سهولتڪاري جي نظام کي وڌيڪ مربوط ۽ رسد جوڳو بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ٽڪٽنگ حب ان سلسلي جي هڪ اهم اڳڀرائي آهي جيڪو سيڙپڪارن جي درخواستن جي منظم داخلا، پيروي ۽ رابطاڪاري لاءِ هڪ مرڪزي نظام فراهم ڪري ٿو. اهي قدم ايس آءِ ايف سي جي ان عزم جي عڪاسي ڪن ٿا ته سيڙپڪارن کي اثرائتي، مربوط ۽ منظم سهولتڪاري فراهم ڪئي وڃي ۽ سيڙپڪاري بابت معاملن کي جديد ڊجيٽل ذريعن رستي وڌيڪ آسان بڻايو وڃي.

مزید خبریں